اسلام آباد – 22 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته حڪومت سيڙپڪارن جي سهولت لاءِ هر ممڪن قدم کڻي رهي آهي، ريڪوڊڪ منصوبو ??لوچستان ۽ علائقي جي ترقي لاءِ گيم چين??ر ثابت ٿيندو، ان م??صوبي سان صوبي جي ترقي ۽ ماڻهن جي خوشحالي جي لاءِ نئين دور جي شروعات ٿيندي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بي??ن م??جب اهڙن خيالن جو اظهار هن بي??ڪ گولڊ ڪمپني جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر مارڪ برسٽوو جي سربراهي ۾ ڪمپني جي وفد سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. ان م??قعي تي پيٽروليم وارو وفاقي وزير مصدق ملڪ، قانون ۽ انصاف وارو وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ، ڊپٽي چيئرمين پلاننگ ڪيمشن محمد جهانزيب ۽ لاڳاپيل اعليٰ سرڪاري آفيسر پڻ موجود هئا. وزيراعظم چيو ته ريڪوڊڪ منصوبو ??لوچستان ۽ علائقي جي ترقي جي لاءِ گيم چين??ر ثابت ٿيندو، ان م??صوبي سان صوبي جي ترقي ۽ ماڻهن جي خوشحالي جي نئين دور جي شروعات ٿيندي، بلوچست??ن ۾ معدنيات مان ڀرپور فائدو کڻڻ جي لاءِ مواصلات جي انفراسٽرڪچر، خاص طور تي ريلوي لائين جي حوالي سان م??صوباسازي ڪئي ويندي. وزيراعظم بي??ڪ گولڊ کي بلوچست??ن ۾ معدنيات جي ٻين م??صوبن ۾ سيڙپڪاري جي دعوت ڏني ۽ چيو ته ضلعي چاغي ۾ ٽيڪنيڪل يونيورسٽي قائم ڪرڻ جي حوالي سان حڪومت ۽ بي??ڪ گولڊ گڏجي ڪم ڪري سگهن ٿا. هن چيو ته حڪومت سيڙپڪارن جي سهولت لاءِ هر ممڪن قدم کڻي رهي آهي جن ۾ رستن ۽ مواصلات جي بهتر نظام جا منصوبا پڻ شامل آهن. بي??ڪ گولڊ وفد وزيراعظم کي ريڪوڊڪ منصوبي تي اڳڀرائي تي بريفنگ ڏني. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته ريڪوڊڪ منصوبي جي فزيبلٽي هن سال جي آخر تائين مڪمل ڪئي ويندي، ريڪوڊڪ منصوبي تي ڪم ڪرڻ جي لاءِ مقامي ۽ بلوچستان ڊوميسائيل جي ماڻهن کي ترجيح ڏني پئي وڃي، بي??ڪ گولڊ ڪارپوريٽ سماجي ذميواري تحت ريڪوڊڪ جي ويجهو ٽي اسڪولز قائم ڪيا آهن، بي??ڪ گولڊ پاران هيستائين سئو ماڻهن کي فني تربيت فراهم ڪئي وئي آهي جن ۾ عورتون به شامل آهن.