ڊيووس – 17 – جنوري (اي پي پي) خاتون اول بيگم ثمينه عارف علوي وڏي عمر، معذوري ۽ غيرمتعدي مرضن ۾ مبتلا ماڻهن جي لاءِ معاون ٽيڪنالاجي تائين عالمي پهچ کي ??ازمي قرار ڏيندي عالمي اڳواڻن تي زور ڏنو ته اهي قومي منصوبن ۽ پائيدار ترقي جي هدفن جي حڪمت عملين ۾ معاون ٽيڪنالاجي جي انضمام کي ترجيح ڏين. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڊيووس ۾ عالمي اقتصادي فورم 2024ع جي موقعي تي معاون ٽيڪنالاجيز جي ذريعي پائيدار ترقياتي هدفن طرف اڳڀرائي جي عنوان سان هڪ تقريب ۾ پنهنجي اهم خطاب دوران ??يو. ”انلاڪ دي ايوري ڊي“ معاون ٽيڪنالاجي (اي ٽي) تي پهريون عالمي مهم جيڪا وهيل چيئر، عينڪن، ٻڌڻ جي اوزا??ن، مصنوعي عضون ۽ ڊيجيٽل اوزارن جهڙي معاون ٽيڪنالاجي جي بنا فرق جي هر ڪنهن جي حق بابت بيداري پيدا ڪرڻ جي لاءِ شروع ڪئي وئي آهي. بيگم ثمينه علوي چيو ته معاون ٽيڪنالاجي پائيدار ترقي جا هدف حاصل ڪرڻ جي لاءِ هڪ اهم ذريعو آهي ڇو ته اها خصوصي ضرورتون رکندڙ ماڻهن جي لاءِ تعليم، روزگار ۽ معاشري ۾ شموليت جا موقعا کولي سگهي ٿي. هن سڄي دنيا ۾ ٽيڪنالاجي جي ماه??ن، پاليسي سازن جي وچ ۾ وڌ کان وڌ تعاون تي زور ڏنو. هن عوامي ۽ نجي شعبن تي زور ڏنو ته اهي ماڻهن کي بااختيار بڻائيندڙ ٽيڪنالاجيز ۾ سيڙپڪاري ڪن. خاتون اول چيو ته عالمي سطح تي 2.5 بلين ماڻهن کي گهٽ ۾ گهٽ هڪ معاون پروڊڪٽ جي ضرورت آهي جڏهن ته گهٽ آمدني وارن ملڪن ۾ اها پهچ رڳو 3 سيڪڙو آهي. خاص طور تي گهٽ آمدني وارن ۽ پٺتي پيل ڪميونٽيز جي ماڻهن جي لاءِ استعمال، دستيابي ۽ پهچ اهم چئلينجز بڻيل آهن، اسان ??ي انهن رڪاوٽن تي ضابطو آڻڻ جي ڪوشش ڪرڻ گهرجي ۽ ان ??الهه کي ??قيني بڻائڻ گهرجي ته معاون ٽيڪنالاجي انهن تائين پهچي وڃي جن کي ان جي سڀ کان وڌيڪ ضرورت آهي، ان ??س ۾ ڪنهن کي ??ٺتي نه ڇڏڻ گهرجي. بيگم ثمينه علوي ان ??الهه تي زور ڏنو ته پاڪستان هڪ جامع معاشرو ٺاهڻ ۽ معاون ٽيڪنالاجي تائين پهچ کي ??ڌائڻ جي ايجنڊا کي اڳتي وڌائڻ جي لاءِ پرعزم آهي. هن چيو ته پاڪستان پنهنجي خطي ۾ ۽ عالمي سطح تي معاون ٽيڪنالاجي جي وڪالت ڪرڻ ۾ سڀ کان اڳتي آهي. هن ان ??الهه تي روشني وڌي ته پاڪستان معاون ٽيڪنالاجي کي ??روغ ڏيڻ جي لاءِ عالمي سطح تي اهم ڪوششون ڪيون آهن جن ۾ علائقائي ۽ عالمي قراردادن جي تجويز ۽ انهن کي اختيار ڪرڻ، اهم تقريبن جي ميزباني، ڊبليو ايڇ او جي معاون مصنوعات جي فهرست جاري ڪرڻ، معاون ٽيڪنالاجي جي لاءِ علائقائي اسٽريٽجڪ فريم ورڪ تيار ڪ??ڻ ۽ معاون ٽيڪنالاجي تي عالمي ڪانفرنس شامل آهي. بيگم ثمينه علوي ان ??الهه تي زور ڏنو ته بهترين طريقن?? علم ۽ وسيلن کي ??رهائڻ سان عالمي سطح تي گڏيل اثر پيدا ڪرڻ ۾ مدد ملندي. هن وڌيڪ چيو ته معاون ٽيڪنالاجي عالمي صحت جي ڪوريج ۾ پڻ اهم ڪردار ادا ڪري ٿي ۽ ان ??الهه کي ??قيني بڻائي ٿي ته صحت جون خدمتون خصوصي ماڻهن سميت هر ڪنهن جي لاءِ پهچ جوڳيون هجن. هن معاون ٽيڪنالاجي جي مسلسل جدت ۽ بهترين کي ??قيني بڻائڻ جي لاءِ تحقيق ۽ ترقي کي ترجيح ڏيڻ تي پڻ زور ڏنو.