اسلام آباد – 28 – ڊسمبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ عالمن تي زور ڏنو آه?? ته اهي پاڪستان کي پوليو کان ??اڪ قوم بڻائڻ جي مقصد کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ عوام ۾ پوليو جي خاتمي جي مهم جي حوالي سان شعور اجاگر ڪن، محفوظ ۽ روشن مستقبل جي لاءِ صحتمند زندگي اسان جي ٻارن جو حق آه??، پوليو جي خلاف مهم ۾ عالمي ادارن جي تعاون کي ساراهيون ٿا. اهڙن خيالن جو اظهار نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ پوليو جي خاتمي بابت ??ومي علماءِ ڪانفرنس کي خاص مهمان جي حيثيت سان خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي صحت وارو نگران وفاقي وزير ڊاڪٽر نديم جان، نگران وزيراعظم جو مذهبي هم آه??گي بابت خصوصي نمائندو طاهر اشرفي ۽ مختلف مڪتبه فڪر جي عالمن جو وڏو انگ پڻ موجود هو. نگران وزيراعظم چيو ته قرآن ۽ حديث اسان جي رهنمائي جو بهترين ذريعو آه??، قرآن ۽ سنت جي روشني ۾ اسان کي اجتماعي فيصلا ڪرڻا آه??. هن مختلف مڪتبه فڪر جي عالمن جي پوليو جي خاتمي جي مهم جي معاملي تي اجتماع کي خوش آئنده قرار ڏيندي چيو ته خواهش آه?? ته عالم سمورن قومي مسئلن جي حوالي سان ائين کي گڏ ٿين. نگران وزيراعظم چيو ته عالمن جي اتفاق سان ئي عوام ۾ پوليو جي خاتمي جي مهم جي حوالي سان اتفاق راءِ پيدا ٿيندو. هن چيو ته ٻارن جي روشن مستقبل جي لاءِ صحتمند زندگي انهن جو حق آه??. نگران وزيراعظم چيو ته اسان خوش قسمت آه??ون جو پنهنجي ٻارن جي زندگي جو تحفظ ڪري سگهون ٿا، غزه ۾ ٻارن جو اجتماعي قتل عام ٿي رهيو آه??، جيڪو انسانيت جي لاءِ فڪر جو لمحو آه??. مسلمان ڪنهن مذهب يا ان جي پيروڪار کان نفرت نه ٿا ڪن ۽ سدائين انصاف جي لاءِ اٿي بيهن ٿا. نگران وزيراعظم پوليو جا ڦڙا پيارڻ کي غيرشرعي سمجهڻ کي بدقسمتي قرار ڏيندي چيو ته عالم اهڙن عنصرن جي خلاف اٿي بيهن، بنا تحقيق جي پوليو جي ڦڙن جي حوالي سان ڪوڙ نه ڦهلايو وڃي. عالم اهڙن ماڻهن جو محاسبو ڪن. نگران وزيراعظم چيو ته مسلمان معقول رويو اختيار ڪرڻ وارو هوندو آه??، نامعقول روين جو اسلام سان ڪو تعلق نه آه??، قرآن مجيد ۾ تحقيق کانسواءِ ڪنهن ڳالهه کي ڦهلائڻ کان منع فرمايو ويو آه??. نگران وزيراعظم علماءِ حق تي زور ڏنو ته اهي علماءِ سو آڏو اٿي بيهن، معاشري جي قرآن ۽ حديث جي روشني ۾ رهنمائي ڪن ۽ حق ۽ سچ کي سامهون آڻين. نگران وزيراعظم پوليو جي خاتمي جي لاءِ معاونت فراهم ڪرڻ واري گڏيل قومن جي پروگرام، بل گيٽس ۽ عالمي ادارن جا ٿورا مڃيندي چيو ته اهي ادارا اسان جي ٻارن جي صحت ۽ روشن مستقبل جي لاءِ جيڪا معاونت ۽ مالي مدد فراهم ڪري رهيا آه?? ان جو اعتراف نه ڪرڻ بدديانتي هوندي ڇو ته پوليو اسان جي ايندڙ نسلن جي لاءِ خطرو آه??. ان کان اڳ نگران وزيراعظم جي مذهبي هم آه??گي واري خصوصي نمائندي ۽ پاڪستان علماءِ ڪائونسل جي چيئرمين طاهر اشرفي چيو ته عالم?? اهم قومي مسئلن تي سدائين پنهنجو ڪردار ادا ڪيو آه??، عالمن جو هي اجتماع پوليو جي خاتمي جي مهم جي حوالي سان متفق آه??، پوليو ويڪسين ۾ ڪا غيرشرعي ۽ نقصانڪار شيءَ نه آه?? ۽ ان جو استعمال جائز آه??. هن چيو ته شريعت انساني جانين جي حفاظت کي يقيني بڻائڻ جي تلقين ڪئي آه??، عالم پوليو جي خاتمي جي پروگرام جي توثيق ڪن ٿا. صحت واري نگران وفاقي وزير ڊاڪٽر نديم جان ڪانفرنس کي خطاب ڪندي چيو ته نگران وزيراعظم هي ڪانفرنس منعقد ڪرڻ جي هدايت ڪئي هئي ڇو ته پوليو جي خاتمي جي مهم ۾ عالمن جو انتهائي اهم ڪردار آه??، هن پوليو جي خاتمي جي مهم جي لاءِ پنهنجي ڀرپور تعاون جو يقين ڏيارڻ تي ڪانفرنس ۾ شريڪ عالمن جا ٿورا مڃيا. صحت واري نگران وفاقي وزير چيو ته عالمن جي شموليت سان پوليو جي خاتمي جي مهم وڌيڪ موثر ٿيندي. هن چيو ته پوليو وائرس جي موجودگي جي ڪري پاڪستان کي عالمي سطح تي مشڪلاتون درپيش آه??. هن پوليو ورڪرز کي پڻ ساراهيو جيڪي مشڪل حالتن ۾ ڪم ڪري رهيا آه??. صحت واري سيڪريٽري افتخار شلواڻي چيو ته عالم پوليو جي خاتمي جي مهم ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا، ٻار اسان جو قومي اثاثو آه??، انهن جي حفاظت اسان جو فرض آه??.