لاهور – 15 – ڊسمبر (اي پي پي) صدر ??اڪٽر عارف علوي چيو آهي ته سرڪاري آفيسر عوام جي خدمت ڪرڻ ۾ ڪا ڪسر نه ڇڏين، ٽيم ورڪ سان اسان ڪنهن ڪم کي بهتر طور تي سرانجام ڏئي سگهون ٿا، اسان جمهوريت جي لاءِ تمام وڏي جدوجهد ڪئي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن سول سروسز اڪيڊمي ۾ اسپيشلائيزڊ ٽريننگ پروگرام تحت تربيت مڪمل ڪندڙ پاڪستان ايڊمنسٽريٽو سروس جي 46 آفيسرن ۾ ايوارڊز ۽ سرٽيفڪيٽ ورهائڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي سول سروسز اڪيڊمي جو ڊائريڪٽر جنرل فرحان عزيز خواجه پڻ موجود هو، تربيت مڪمل ڪندڙن ۾ پنجاب، سنڌ ۽ بلوچستان سميت سمورن صوبن جا آفيسر شامل هئا. تقريب کي خطاب ڪندي صدر ??اڪٽر عارف علوي چيو ته ايڊمنسٽريٽو آفيسرن کي انسانيت جي ختم ڪرڻ سيکاريو وڃي ٿو، ايڊمنسٽريٽو آفيسرن کي شيرواني ۾ ڏسي خوشي ٿي، توهان پاڻ کي منظم ڪريو ۽ خوشي جو ڪو لمحو هٿ مان نه وڃائڻ ڏيو، توهان خوش هوندا ته توهان جا خاندان به خوش هوندا. هن تربيت مڪمل ڪندڙ آفيسرن جي لاءِ ??يڪ خواهشن جو اظهار ڪندي انهن کي چيو ته اهي ماڻهن جي لاءِ آسانيون پيدا ڪن، اڄ جو ڏينهن تربيت مڪمل ڪندڙ آفيسرن جي لاءِ ??ڪ عظيم ڏينهن جي حيثيت رکي ٿو، جيڪو انهن کي سڄي زندگي ياد رهندو. صدر سرڪاري آفيسرن تي زور ڏنو ته اهي پنهنجي پنهنجي شعبن ۾ عوام جي خدمت ڪرڻ ۾ ڪا ڪسر نه ڇڏين، عوامي ڀلائي ۽ انهن کي ريليف جي فراهمي جي لاءِ عوام دوست پاليسيون جو??ين ته جيئن عام ماڻهو جا مسئلا فوري حل ٿي سگهن. هن آفيسرن کي مخاطب ٿي چيو ته توهان سول سرونٽس ٿيڻجي ناطي معاشري جي بهتر اصلاح ۽ ملڪ ۽ قوم جي ترقي جي لاءِ ??ر وقت ڪوشش ۾ رهو ڇو ته عوام جون اميدون توهان سان واڳيل آهن. هن چيو ته سول سرونٽس ملڪي مشينري جو اهم حصو آهن جنهن کانسواءِ ??لڪ اڳتي وڌي نه ٿو ٿي سگهي ۽ نه ئي معاشري جي حقيقي معنيٰ ۾ اصلاح ممڪن آهي تنهن ڪري توهان لگن ۽ محنت سان مهذب معاشري جي جو??جڪ ۾ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪريو. صدر حضور پاڪ ﷺ جي سيرت طيبه، خلفاءِ راشين جي طرز حڪمراني ۽ قرآني آيتن جو حوالو ڏيندي آفيسرن کي چيو ته اهي عام انسان جي لاءِ آسانيون پيدا ڪن ۽ پنهنجا دورازا عوام جي لاءِ کليل رکن. هن چيو ته ٻين سان تعاون ڪرڻ کانسواءِ توهان خوش نٿا رهي سگهو، خوشي جي لاءِ ??ر لمحي جي ڳولا ڪريو ۽ ان جي لاءِ ??سلسل ڪوشش ڪرڻي پوي ٿي. هن وڌيڪ چيو ته دنيا جي اندر نفرتون عروج تي جڏهن ته محبت جي کوٽ آهي، ننڍا ننڍا عيب ظاهر ڪيا وڃن. هن درياءَ ۽ سمنڊ جو مثال ڏيندي چيو ته درياءَ زمين کي سيراب ڪري ٿو جڏهن ته سمنڊ ۾ سڀ ڪجهه گهلي ملي وڃي ٿو. هن چيو ته سڀ کان اڳ پنهنجو پاڻ سان محبت ڪريو، ٻين بابت دل مان نفرتون ڪڍو، خاندان سان محبت جو سفر شروع ڪريو جيڪو پاڙيسرين، قوم ۽ انسانيت کان ٿيندوا الله تعاليٰ سان محبت تي وڃي ختم ٿئي. صدر ??يو ته توهان جو لائيف اسٽائيل اهڙو هجي جو ماڻهو توهان جي ويجهو اچي سگهن، پنهنجي ڊيوٽي وارن علائقن ۾ جمعي جي نماز پڙهايو يا پڙهو ان سان ماڻهن سان ملاقات ڪري فاصلا گهٽ ڪري سگهجن ٿا. انسانيت سان پيار ڪرڻ جي حوالي سان صدر علامه اقبال ۽ مولانا جلال الدين رومي جي حڪايت جو به ذڪر ڪيو. آخر ۾ هن ڪورس مڪمل ڪندڙ آفيسرن کي مبارڪباد ڏني ۽ اميد ظاهر ڪئي ته ڪورس مڪمل ڪندڙ آفيسر پنهنجي پنهنجي شعبن ۾ بهترين خدمتون سرانجام ڏيندا ۽ عوام کي ريليف جي فراهمي لاءِ ??وس ۽ پائيدار پاليسيون جو??يندا. تقريب ۾ صدر تربيت دوران نمايان ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندڙ آفيسرن ۾ شيلڊ ورهايون، بهترين اسپورٽس پرسن جو ايوارڊ آفتاب منير ۽ عورتن ۾ ايمان ظفر، بهترين هارس رائيڊر جو ايوارڊ ڪيپٽن رٽائرڊ فريد باديني، بهترين ڪنڊڪٽ جو ايوارڊ سنبل جاويد جڏهن ته بهترين اڪيڊمڪ جو ايوارڊ احسن نواز گوندل کي ڏنو ويو. نصابي ۽ غيرنصابي سرگرمين ۾ بهترين ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪرڻ تي سلمان يوسف کي گولڊ ميڊل سان نوازيو ويو.