اسلام آباد – 23 – آڪٽوبر (اي پي پي) پرڏيهي معاملن واري نگران وفاقي وزير جليل عباس جيلاني چيو آهي ته پاڪس??ان ڏکڻ اوڀر ايشيائي ملڪن جي تنظيم آسيان سان لاڳاپن کي انتهائي اهميت ڏي ٿو، پاڪس??ان ۽ آسيان کي موسمياتي ??بديلي جي چئلينجن سميت ڪيترائي مسئلا درپيش آهن، آسيان سان مڪمل ڊائيلاگ پارٽنرشپ چاهيون ٿا. اهڙن خيالن جو اظهار هن انسٽيٽيوٽ آف اسٽريٽجڪ اسٽڊيز اسلام آباد (آءِ ايس ايس آءِ) ۾ آسيان ڪارنر جي افتتاح جي موقعي تي ??طاب ڪندي ڪيو. تقريب کي اڳوڻي پرڏيهي سيڪريٽري (آءِ ايس ايس آءِ) جي ڊائريڪٽر جنرل سهيل محمود، ملائيشيا جي هاءِ ڪمشنر محمد اظهر مزلان، انڊونيشيا جي سفير ايڊم ايم ٽوگيو، ويٽنام جي سفير نگوين ٽين ڦونگ، ٿائيلينڊ جي سفير چڪريڊ ڪراچائي وونگ کانسواءِ آسيان جي ٻين ملڪن جي سفارتڪارن، پرڏيهي وزارت جي خرم راٺور، انسٽيٽيوٽ آف اسٽريٽجڪ اسٽڊي جي بي او ڊي جي چيئرمين سفير خالد محمود، ڊائريڪٽر ڊاڪٽر طلعت شبير ۽ نيشنل ڊفينس يونيورسٽي جي اسسٽنٽ پروفيسر ڊاڪٽر محمد شعيب خطاب ڪيو. تقريب کي خطاب ڪندي نگران پرڏيهي وزير چيو ته چين پاڪس??ان اقتصادي لنگهه منصوبو (سي پيڪ) علائقائي رابطن جي لاءِ تمام اهميت رکندڙ آهي، پاڪس??ان آسيان جي سمورن ملڪن سان گڏيل فائدي تي لاڳاپن جو خواهشمند آهي. هن چيو ته پاڪس??ان موسمياتي ??بديلي کان متاثر سرفهرست ملڪن ۾ شامل آهي. نگران پرڏيهي وزير چيو ته سارڪ تنظيم کي آسيان جي طرز تي ٺاهيو ويو هو. جيتوڻيڪ ڀارتي ??ويي سارڪ کي غيرفعال بڻائي ڇڏيو آهي. پاڪس??ان آسيان سان اصولن جي مرڪزيت جي مڪمل حمايت ڪري ٿو. هن چيو ته پاڪس??ان تازو ئي آسيان ملڪن جي سفارتڪارن جي لاءِ تربيتي پروگرام منعقد ڪيو. هن چيو ته امن ۽ سلامتي ??ي لاءِ سماجي ۽ اقتصادي ترقي ضروري آهي. پاڪس??ان بلاڪ پوليٽڪس کان پري رهڻ چاهي ٿو ۽ هو ملٽي ليٽرلزم تي يقين رکي ٿو. جليل عباس جيلاني چيو ته پرامن ايشيا پيسفڪ پاڪس??ان جي ترجيح آهي ۽ هو آسيان ملڪن سان لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪري رهيو آهي. آسيان ڪارنر جي افتتاح جي موقعي تي پاڪس??ان ۽ آسيان جي لاڳاپن کي وڌائڻ ۽ مستقبل جي امڪانن جي ڳولا جي موضوع تي ٿيندڙ گول ميز ڪانفرنس جو اهتمام انسٽيٽيوٽ آف اسٽريٽجڪ اسٽڊيز جي چائنا پاڪ اسٽڊي سينٽر ڪيو ويو. جنهن ۾ اسلام آباد ۾ ٿيندڙ آسيان جي سفيرن کانسواءِ ٻين اهم شخصيتن به شرڪت ڪئي. ان موقعي تي پنهنجي خطاب ۾ اڳوڻي پرڏيهي سيڪريٽري سهيل محمود، نگران پرڏيهي وزير ۽ ٻين شرڪت ڪندڙن جا ٿورا مڃيا. هن چيو ته آسيان جو عالمي امن ۽ سلامتي ۾ اهم ڪردار آهي. 1967ع ۾ پنهنجي قائم ٿيڻ کان آسيان جو علائقائي ??عا??ن ۾ ڀرپور ڪردار رهيو آهي. هن چيو ته پاڪس??ان ۽ آسيان جي وچ ۾ واپار ۽ سيڙپڪاري ۾ اضافو ٿيو آهي، جنهن کي وڌيڪ وڌائڻ جي ضرورت آهي. پاڪس??ان ۾ ملائيشيا جي هاءِ ڪمشنر ۽ آسيان ڪميٽي اسلام آباد جي چيئرمين محمد اظهر آسيان ڪارنر قائم ٿيڻ کي ساراهيندي چيو ته ان سان پاڪس??ان ۽ آسيان جي وچ ۾ لاڳاپن کي وڌائڻ ۾ مدد ملندي. هن چيو ته پاڪس??ان ۽ آسيان موسمياتي ??بديلي ۽ ٻين چئلينجن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ گڏجي ڪم ڪري سگهن ٿا. تقريب کي انڊونيشيا جي سفير ايڊم ايم ٽوگيو به خطاب ڪيو. هن چيو ته پاڪس??ان ۽ آسيان کي آءِ ٽي ۽ اقتصادي شعبي ۾ به ??عا??ن وڌائڻ گهرجي. ان موقعي تي ??طاب ڪندڙن چيو ته آسيان ۽ پاڪس??ان جي وچ ۾ پراڻا لاڳاپا قائم آهن جن کي وڌائڻ جي ضرورت آهي. اها ڳالهه ذڪر جوڳي آهي ته پاڪس??ان ۽ آسيان جي وچ ۾ لاڳاپا اقتصادي ??عا??ن ۽ علائقائي استحڪام جي بنياد تي قائم آهن. ڏکڻ ايشيا ۽ وچ اوڀر جي وچ ۾ هڪ پل طور تي پاڪس??ان جي اسٽريٽجڪ بيهڪ مختلف خطن ۾ واپار ۽ رابطن تي ??سيان جي ڌيان جي تڪميل ڪري ٿو. پاڪس??ان ۽ آسيان جي وچ ۾ گڏيل ??عا??ن مختلف شعبن تائين ڦهليل آهي، جيڪو صنعت، سيڙپڪاري، زراعت، تعليم، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي، سياحت ۽ دهشتگردي جي خاتمي جي ڪوششن، اقتصادي ترقي ۽ علائقائي سلامتي ??ي لاءِ پنهنجي عزم کي سگهه ٿو. آسيان ۽ پاڪس??ان جي وچ ۾ حصيداري ايشيائي خطي ۾ امن ۽ سلامتي کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ لازمي آهي. جاگرافيائي فاصلي جي باوجود آسيان ۽ پاڪس??ان گذريل ڪيترن ئي سالن ۾ هڪ مضبوط ۽ گڏيل طور تي فائديمند لاڳاپن کي هٿي وٺرائي رهيو آهي. پاڪس??ان جي ”ويزن ايسٽ ايشيا“ پاليسي آسيان ڪيترن ئي شعبن ۾ ??عا??ن وڌائڻ جي عزم جي عڪاسي ڪري ٿو. جڏهن ته آسيان پاڪس??ان کي پنهنجي ٻاهرئين لاڳاپن ۾ هڪ اهم حصيدار طور اهميت ڏي ٿو. ٻئي ڌريون سفارتي لاڳاپن ۾ اضافي، گڏيل منصوبن ۽ عوامي رابطن جي مٽاسٽا جي ذريعي گڏيل ر??بطن کي مضبوط بڻائي رهيو آهي. عالمي چئلينجن کي منهن ڏيندي آسيان پاڪس??ان لاڳاپا علائقائي ??عا??ن ۽ هڪ مستحڪم ۽ خوشحال ايشيا جي لاءِ گڏيل امنگن جو ثبوت آهي. افتتاحي تقريب کانپوءِ گول ميز مباحثي ۾ آسيان ملڪن جي سفارتڪارن، پاڪس??ان جي سينيئر عملدارن ۽ ڪاروباري نمائندن به شرڪت ڪئي. ان کان اڳ نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني اسلام آباد ۾ مشنز جي سربراهن سان آسيان ڪارنر جي تختيءَ جي نقاب ڪشائي ڪئي. تقريب جو مقصد آسيان سان پاڪس??ان جي بدلجندڙ لاڳاپن جو تجزيو ڪرڻ هو. انسٽيٽيوٽ آف اسٽريٽجڪ اسٽڊيز ۾ آسيان ڪارنر قائم ٿيڻ سان آسيان جي ميمبر ملڪن سان پاڪس??ان جي حصيداري کي اپ گريڊ ڪرڻ جي لاءِ پاليسي سفارشون تيار ڪرڻ ۽ اڳڀرائي ڪرڻ ۾ مدد ملندي.