اسلام آباد – 05 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي سان پاڪستان لا??گ رينج فيلڊ ٽارگيٽ رائيفل ٽيم جي وفد ملا??ات ڪئي. ملا??ات ۾ صدر پاڪستاني رائيفل ٽيم کي برطانيا ۾ ٿيندڙ يورپي لا??گ رينج رائيفل چيمپئن شپ 2023ع کٽڻ تي مبارڪباد ڏني. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر ڊاڪٽر عارف علوي ليفٽيننٽ جنرل احسن گلريز ۽ ڪرنل جنيد وقاص کي چاندي جو تمغو جڏهن ته ڪرنل جنيد علي کي ٽامي جو تمغو کٽڻ تي خصوصي مبارڪباد ڏني. هن چيو ته پاڪ فوج جي ٽيم عالمي سطح تي رائيفل شوٽنگ جي مقابلي ۾ بهترين ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪيو، پاڪستاني رائيفل ٽيم يورپين چيمپيئن شپ کٽڻ تي ساراهه جي لائق آهي. صدر چيو ته پاڪستان ۾ مختلف راندين کي فروغ ڏيڻ ۽ حوصلا افزائي جي ضرورت آهي. هن پاڪستاني رائيفل ٽيم جي لاءِ مستقبل ?? پڻ ڪاميابي ۽ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو.