اسلام آباد – 20 – سيپٽمبر (اي پي پي) پرڏيهي آف??س جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ چيو آهي ته نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ جمعي 22 سيپٽمبر تي گڏيل قومن جي جنرل ا??يمبلي جي اجلاس کي خطاب ڪندو. ترجمان پريس بريفنگ ۾ چيو ته نگران وزيراعظم جنرل ا??يمبلي کي پنهنجي خطاب ۾ گڏيل قومن جي ايجنڊا تي موجود پراڻي حل ط??ب تڪرار ڄمون ۽ ڪشمير سميت ڪيترن ئي علائقائي ۽ عالمي مسئلن تي پاڪستان جو موقف بيان ڪندو. ترجمان چيو ته نگران وزيراعظم پاڪستان جي معاشي بحالي کي مستحڪم ڪرڻ جي لاءِ کنيل قدمن ۽ ملڪي ۽ ٻاهرئين سيڙپڪاري کي متحرڪ ڪرڻ جي ڪوششن کان پ??ڻ آگاهه ڪندو. هن چيو ته نگران وزيراعظم اڄ ڪلائميٽ ايمبيشن سمٽ 2023ع ۽ ترقي جي لاءِ فنانسنگ تي اعليٰ سطحي ڊائيلاگ ۾ شرڪت ڪندو.