اسلام آباد – 11 – سيپٽمبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته ايندڙ چونڊن جي تاريخ جو فيصلو اليڪشن ڪميشن ڪندي، اسمگلنگ جي خلاف ڪارروائي جاري رهندي ۽ رياست جي رٽ قائم ڪئي ويندي، حڪومت بجلي صارفين کي ريليف ڏيڻ جي معاملي تي جلد فيصلو ڪندي. نجي ٽي وي چينل کي انٽرويو ڏيندي هن چيو ته پارليامينٽ هڪ قانون پاس ڪيو آهي جنهن م??جب اليڪشن ڪميشن کي نئين چونڊن جي تاريخ جو اعلان ڪرڻ جو اختيار حاصل آهي. هن چيو ته چونڊن جي حوالي سان قياس آرائيون ختم ٿيڻ گهرجن ڇو ته اهي مقرر قانون م??جب ٿينديون. هن وڌيڪ چيو ته اسان نگران حڪومت جي مدي کي ڊيگهه ڏيڻ جو ڪو ارادو نه ٿا رکون. هن چيو ته پاڪستان جي تاريخ جي شاگرد جي حيثين سان هو مسلم اقليت جي حقن جي تحفظ ۽ ان کي اڪثريت سان ڏاڍ کان بچائڻ تي قائداعظم جا ٿورا مڃيندو، جيڪڏهن قائداعظم مسلمانن جي ل??ءِ جدا ملڪ قائم نه ڪري ها ته مسلمانن جي مذهبي ۽ ثقافتي تشخص جو تحفظ مشڪل ٿي وڃي ها. هن چيو ته هو قائداعظم جي آئين پسندي، برابري ۽ اقليتن جي حقن جي تحفظ جي ل??ءِ کيس ساراهي ٿو. نگران وزيراعظم يقين ڏياريو ته اسمگلنگ جي خلاف ڪارروائي جاري رهندي ۽ رياست جي رٽ قائم ڪئي ويندي، اسان اهي قدم ان لاءِ کڻي رهيا آهيون ته جيئن نئين حڪومت پنهنجي مينڊيٽ سان عوامي مفاد جي ل??ءِ پنهنجو آساني سان جاري رکي سگهي. هن چيو ته خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل (ايس آئي ايف سي) جي ايپڪس ڪميٽي ۾ موجوده عسڪري قيادت شامل آهي، اهڙي طرح ڪائونسل هڪ مضبوط آئيني ۽ قانوني ادارو آهي جيڪا ٺوس قدمن ۽ فيصلن تي عملدرآمد ڪري رهي آهي. هن چيو ته نگران وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن جي وچ ۾ سٺي ڪوآرڊينيشن هئي جيڪا فيصلن تي عملدرآمد مددگار ثابت ٿي. هن چيو ته ايس آئي ايف سي اقتصادي بحالي جي ل??ءِ زراعت ۽ معدنيات سميت ٻين شعبن تي ڌيان ڏئي رهي آهي. هن ٻڌايو ته سيڙپڪاري جي وڏن م??صوبن تي ڪم ڪيو ويندو ته جيئن ايندڙ حڪومت جي اقتدار سنڀالڻ کانپوءِ اه?? ترقي جي مرحلي تي پهچي سگهن. هن چيو ته پاڪستان جا افغانستان سان گهڻ رخا لاڳاپا آهن ۽ ان سان واپار، دهشتگردي، سلامتي ۽ علائقائي رابطن جي معاملن تي باقاعده ڳالهه ٻولهه ٿئي ٿي. هن وڌيڪ چيو ته ٻئي ڌريون ان احساس سان ڳالهه ڪري رهيون هيون ته پاڙيسرين کي تبديل نه ٿو ڪري سگهجي. ملڪ ۾ دهشتگردي جي وڌندڙ واقعن بابت پڇيل هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته رياست دهشتگردن جي خلاف پنهنجي مضبوطي جو مظاهرو ڪندي ڇو ته ڪنهن به حالت ۾ ڪنهن کي تشدد ڪرڻ جي اجازت نه ڏني ويندي. انوارالحق ڪاڪڙ چيو ته ڪنهن به سياسي پارٽي تي چونڊن ۾ حصو وٺڻ تي ڪا پابندي نه آهي. 9 مئي جي واقعن جي حوالي سان هن چيو ته شرپسندن ڀڃ ڊاهه ۽ باهين جو سهارو ورتو ۽ ان پوري واقعي کي مقامي ۽ عالمي ميڊيا رپورٽ ڪيو. هن وڌيڪ چيو ته واقعي ۾ ملوث ڏوهارين جي خلاف قانون م??جب ڪارروائي ڪئي ويندي. هن چيو ته نواز شريف ٽي ڀيرا وزيراعظم چونڊيو ۽ جڏهن هو پاڪستان ايندو ته ان سان م??ڪي قانون م??جب سلوڪ ڪيو ويندو. هن واضح ڪيو ته ان جو سياسي پارٽين جي قيادت سان م??اقاتون شروع ڪرڻ جو ڪو ارادو نه آهي. پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي بابت پڇيل هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته پاڪستان جي سمورن م??ڪن سان سٺا لاڳاپا آهن، چين دنيا جي سڀ کان وڏي معيشت بڻجڻ جي راهه تي گامزن آهي. هن ٻڌايو ته پاڪستان هڪ ارب کان وڌيڪ آبادي واري براعظم سان پنهنجي ل??ڳاپن کي بهتر بڻائڻ جي ل??ءِ ”لُڪ آفريقا“ جي پاليسي اختيار ڪئي آهي. هن چيو ته سعودي ولي عهد محمد بن سلمان گڏيل اتفاق راءِ سان طئي ٿيل وقت تي پاڪستان جو دورو ڪندو. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته ڪشمير پاڪستان جي جسم ۽ روح جو حصو آهي ۽ ڪشميرين پاڻ کي پاڪستان سان ڳنڍي ڇڏيو آهي. نگران وزيراعظم چيو ته ڪرڪيٽ سميت راندين تي سياست نه ڪرڻ گهرجي ۽ ڀارت سان ڪرڪيٽ بابت مسئلا رڳو ڪرڪيٽ بورڊ جي عهديدارن کي اٿارڻ گهرجن، اسان پاڪستان کي راندين جي ل??ءِ محفوظ ملڪ بڻائي رهيا آهيون پر اسان ڪنهن م??ڪ کي پاڪستان ۾ کيڏڻ تي مجبور نه ٿا ڪري سگهون. نگران وزيراعظم چيو ته هن ڪوئيٽا جي دوري دوران يونيورسٽين جي وائيس چانسلرز سان م??اقات ڪئي ۽ هاڻي هو هايئر ايجوڪيشن ڪميشن جي عملدارن سان م??اقات ڪندو ته جيئن تعليم جي شعبي کي درپيش مسئلن تي ڌيان ڏئي سگهجي. هن چيو ته حڪومت بجلي صارفين کي ريليف ڏيڻ جي معاملي تي جلد فيصلو ڪندي.