لنڊن – 15 – سيپٽمبر (اي پي پي) نگران پرڏيهي وزير جليل عبا?? جيلاني ڏهين ڪامن ويلٿ يوٿ منسٽرز ميٽنگ ??ي پهرين وزارتي ٽاسڪ فور?? جي نون ميمبرن جي اجلا?? جي صدارت ڪئي. پرڏيهي آفيس موجب ٽاسڪ فورس پنهنجي ترجيحن ۽ مستقبل جي حڪمت عملي تي اتفاق ڪيو. اجلاس ۾ ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ويو ته مستقبل ۾ نوجوانن جي معاملن کي ترجيحن ۾ شامل ڪيو ويندو. نمائندن ڏهين ڪامن ويلٿ يوٿ منسٽرز ميٽنگ کي بهتر طريقي سان هلائڻ تي پاڪستان نگران پرڏيهي وزير جليل عبا?? جيلاني کي ساراهيو. ان سان گڏ ئي ڏهين ڪامن ويلٿ يوٿ منسٽرز ميٽنگ پڄاڻي تي پهتي.