اسلام آباد – 22 – آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي اسپيشل ??ولمپڪس ۾ ميڊلز کٽڻ تي پاڪستان اسپيشل ??ولمپڪس جي پوري ٽيم ۽ انتظاميا کي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته خصوصي ماڻهن کي صحت، تعليم، روزگار ۽ راندين ۾ پنهنجو نالو پيدا ڪرڻ جو موقعو ڏيڻو پوندو. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر اهڙن خيال?? جو اظهار برلن اسپيشل ??ولمپڪس ۾ شرڪت ڪندڙ پاڪستان جي اسپيشل ??ولمپڪس ٽيم جي ميمبرن سان ايوان صدر ۾ ملاقات دوران ڳالهائيندي ڪيو. صدر ۽ خاتون او?? بيگم ثمينه علوي ملڪ جي ن??ائندگي ڪرڻ ۽ نالو روشن ڪرڻ تي پاڪستان جي اسپيشل ??ولمپڪس ٽيم کي ساراهيو. ڊاڪٽر عارف علوي مثبت سرگرمين ۾ معذور ماڻهن جي شموليت وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو ته پاڪستان ۾ هڪ ٺوس ۽ شموليت تي ٻڌل معاشري جي جوڙجڪ جا خواهشمند آهيون. صدر چيو ته خصوصي ماڻهن کي انهن جي هنر ۽ صلاحيتن موجب نوڪريون ڏيڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته پوري ٽيم اسپيشل ??ولمپڪس راندين جي ميدان ۾ ڀرپور صلاحيت?? جو مظاهرو ڪيو، پاڪستان جي اسپيشل ??ولمپڪس ٽيم جو 11 راندين جي مقابلن ۾ حصو وٺڻ فخر جوڳو آهي، خوشي ٿي ته ذهني معذوري جي شڪار ماڻهن به راندين ۾ حصو ورتو. صدر چيو ته پاڪستان جي اسپيشل ??ولمپڪس ٽيم ميڊلز ??ٽي پاڪستا?? جو نالو روشن ڪيو.