اسلام آباد-05 آگسٽ (اي پي پي) گڏيل مفادن واري ڪائونسل (سي سي آءِ) ستين آدمشماري جي متفقه طور تي منظو??ي ڏئي ڇڏي آهي، آدمشماري موجب پ??ڪس????ن جي مجموعي آبادي 24 ڪروڙ 14 لک 92 هزار آهي، ملڪي آبادي جي سالياني اوسر واري شرح 2.55 سيڪڙو رهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ م??ن جاري ڪيل پريس رليز موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت هيٺ گڏيل مفادن واري ڪائونسل جي 50 هين اجلاس ۾ نتيجن جي متفقه منظو??ي ڏني وئي. چئني ئي وڏن وزيرن، سمورين سياسي پارٽين جي نمائندن آدمشماري جي نتيجن سان مڪمل اتفاق ڪيو، بلوچستان عوامي پارٽي جي ڊاڪٽر خالد مگسي، ايم ڪيو ايم جي سيد امين الحق، جمعيت علماءُ اسلام (ف) جي مولانا اسعد محمود، پ??ڪس??ان پيپلزپارٽي جي قمر زمان ڪائره به سي سي آءِ جي ٻين ميمبرن کانسواءِ خصوصي دعوت تي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي وزيراعظم چيو ته گڏيل مفادن واري ڪائونسل وفاق جي مضبوطي ل??ءِ هڪ اهم آئيني ادارو آهي، پ??ڪس??ان ۾ پهرين ڊجيٽل آدمشماري بهترين طور تي مڪمل ٿي آهي جيڪا خوشي جي ڳالهه آهي. وزيراعظم چيو ته صوبائي حڪومتن ۽ پ??ڪس????ن جي شماريات کاتي ان قومي فرض ۾ انتهائي اهم ڪردار ادا ڪيو، رٿابندي واري وفاقي وزير احسن اقبال وزارت جي ٻين آفيسرن خاص ڪري شماريات کاتي ۽ گهر گهر وڃي ڳڻپ ڪندڙ اهلڪار ڊجيٽل آدمشماري جي ڪاميابي سان مڪمل ڪرڻ لاءِ کيرون لهڻن، اجلاس کي رٿابندي واري وزارت ۽ پ??ڪس????ن جي شماريات کاتي طرفان آدمشماري جي نتيجن تي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. شماريات کاتي طرفان ٻڌ??يو ويو ته ستين آدمشماري مطابق پ??ڪس????ن جي مجموعي آبادي 241.49 ملين آهي، ملڪي آبادي جي سالياني اوسر واري شرح 2.55 سيڪڙو رهي. اجلاس کي بريفنگ ۾ ٻڌ??يو ويو ته بلوچست??ن جي آدمشماري جي شرح باقي صوبن کان وڌيڪ 3.2 سيڪڙو رهي، گذريل 6 سالن ۾ آباد ۾ 3.5 ڪروڙ جو اضافو ٿيو جيڪو فڪر جو لمحو آهي. پ??ڪس????ن جي آبادي جي واڌ جي تناسب سان پ??ڪس????ن جي معاشي ترقي کان ڪيترائي ڀيرا وڌيڪ آهي. وزيراعظم چيو ته آبادي ۾ واڌ ڪيترن ئي قسمن جون مشڪلاتون پيدا ڪري ٿو، هي پ??ڪس??ان ۾ آئنده ايندڙ چونڊيل حڪومت ۽ مستقبل لاءِ هڪ وڏو چئلينج آهي، اسان کي نه رڳو آبادي ۾ واڌ کي روڪڻو پوندو پر پ??ڪس????ن جي معاشي ترقي جي رفتار کي وڌائي انهن چئلينجن تي ضابطو آڻڻو پوندو. اجلاس کي رٿابندي واري وزارت ۽ پ??ڪس??ان شماريات کاتي طرفان ستين ڊجيٽل آدمشماري جي طريقيڪار ۽ نتيجن جي باري ۾ تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. اجلاس کي ٻڌ??يو ويو ته 2022ع ۾ آدمشماري ل??ءِ سنسس ايڊوائيزري ڪميٽي جيڪا ناليوارن شماريات جي ماهرن تي ٻڌل آهي ۽ ڊپٽي چيئرمين پلاننگ ڪميشن ??ن جو صدر آهي، سنسس مانيٽرنگ ڪميٽي جي قيام ۽ سنسس ايڊوائيزري ڪميٽي جي سفارشن جي منظو??ي ڏني، ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو سنسس مانيٽرنگ ڪميٽي ۾ سمورن اسٽيڪ هولڊرزن سميت صوبائي نمائندن جي شرڪت کي يقيني بڻايو ويو. اجلاس کي وڌيڪ ٻڌ??يو ويو ته ڊجيٽل آدمشماري ل??ءِ نادرا نه رڳو سافٽ ويئر پر هڪ لک 26 هزار ٽيبليٽس، نيشنل ٽيلي ڪام ڪارپوريشن (اين ٽي سي) ڊيٽا انفرا اسٽرڪچر، اسٽوريج اينڊ ڪمپيوٽنگ جي سهولت، جڏهن ته سپارڪو بلاڪس جي تازي ترين سيٽلائيٽ جون ڊجيٽل تصويرون مهيا ڪيون. ان کانسواءِ صوبائي حڪومتن هڪ لک 21 هزار اهلڪار، پاڪ فوج ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن انگ اکر گڏ ڪندڙ اهلڪارن کي سيڪيورٽي فراهم ڪئي. بريفنگ ۾ اهو پڻ ٻڌ??يو ويو ته سنسس ايڊوائيزري ڪميٽي جي سفارش تي گڏيل مفادن واري ڪائونسل ستين ڊجيٽل آدمشماري جي عمل ۾ سمورن اسٽيڪ هولڊرز کي پهرين ڏينهن کان شامل ڪيو ويو، ان ڪري ڊيٽا گڏ ڪرڻ جي عمل جي شفافيت کي يقيني بڻائڻ لاءِ آدمشماري دوران صوبائي انتظاميه، سول سوسائيٽي ۽ تعليمي ماهرن کي به ??ن جو حصو بڻايو ويو. آدمشماري جي سرگرمين ۾ صوبائي چيف سيڪريٽرين ضلعي انتظاميه کي ڊيش بورڊز ذريعي پل پل نگراني جي سهولت فراهم ڪئي وئي. بريفنگ ۾ وڌيڪ ٻڌ??يو ويو ته ڊجيٽل آدمشماري 2023ع پهرين مارچ 2023ع کان 22 مئي 2023ع تائين جاري رهي، جڏهن ته ڊيٽا گڏ ڪرڻ کانپوءِ سروي 8 کان 9 جولاءِ 2023ع تائين جاري رهي، اجلاس کي ٻڌ??يو ويو ته 2023ع ۾ مجموعي طور پ??ڪس????ن جي آبادي 241.49 ملين ماڻهن تي ٻڌل رڪارڊ ڪئي وئي، اهڙي طرح خيبرپختونخوا جي آبادي 40.85 ملين، پنجاب جي آبادي 127.68 ملين، سنڌ جي آبادي 55.69 ملين، بلوچست??ن جي آبادي 14.89 ملين ۽ اسلام آباد جي آبادي 2.36 ملين رڪارڊ ڪئي وئي. ان لحاظ کان پ??ڪس????ن جي آبادي ۾ واڌ جي موجوده سالياني شرح 2.55 سيڪڙو آهي جڏهن ته خيبرپختونخوا ۾ 2.38 سيڪڙو، پنجاب ۾ 2.53 سيڪڙو، سنڌ ۾ 2.57 سيڪڙو ۽ بلوچستان ۾ 3.20 سيڪڙو رهي، اجلاس ۾ متفقه طور ستين ڊجيٽل آدمشماري جا نتيجا منظور ڪيا ويا. اجلاس ۾ سمورين سياسي پارٽين جي اتفاق کانپوءِ آدمشماري جي نتيجن جي منظو??ي ڏني وئي، وزيراعظم اجلاس ۾ شرڪت ڪندڙن جو ٿورو مڃيندي ان ڳالهه تي زور ڀريو ته آبادي ۾ واڌ جي موجوده رفتار انتهائي پريشان ڪندڙ آهي. اس??ن جا سمورا قومي ادارا ۽ صوبائي حڪومتون آباد ۾ واڌ کي روڪڻ لاءِ هنگامي بنيادن تي قدم کڻن، ملڪ جا محدود وسيلا وڌندڙ آبادي ل??ءِ ناڪافي آهن. جيڪڏهن آبادي جي شرح موجوده رفتار س??ن جاري رهي ته اس??ن جي سمورين ڪوششن باوجود پ??ڪس??ان ۾ غربت ۽ بيروزگاري ۾ واڌ ٿيندي. ان لاءِ پنهنجي محفوظ مستقبل لاءِ اسان کي آبادي ۾ واڌ تي ضابطو آڻڻ ۽ موجوده آبادي جي ترقي ۽ خوشحالي ل??ءِ قدم کڻڻا پوندا.