اسلام آباد – 06 –جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پا??ست??ن ۽ گڏيل عرب امارات جي وچ ۾ قابل تجديد توانائي جي معاهدي کي خوش آئنده قرار ڏيندي چيو آهي ته ان معاهدي تي تيزي سان عملدرآمد يقيني بڻايو ويندو، ان معاهدي تحت قابل تجديد توانائي جي صلاحيت 10 هزار ميگاواٽ آهي، پا??ست??ن جي آءِ ايم ايف سان معاهدي ۾ گڏيل عرب امارات اهم ڪردار ادا ڪيو، هر مشڪل وقت ۾ گڏيل عرب امارات پا??ست??ن جو ساٿ ڏنو. اهڙن خيالن جو اظهار هن پا??ست??ن ۽ گڏيل عرب امارات جي وچ ۾ قابل تجديد توانائي جي مفاهمت جي ياداشت تي صحيحن واري تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي ڪوپ – 28 جي صدر ۽ گڏيل عرب امارات جي موسمياتي تبديلي وارو خصوصي نمائندو، صنعت ۽ ٽيڪنالاجي وارو وزير سلطان احمد الجابر پڻ وفد سان گڏ موجود هو. وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته گڏيل عرب امارات جي وفد جي آجيان ڪريان ٿو، ڪوپ – 28 ڪانفرنس ?? شرڪت جي دعوت تي گڏيل عرب امارات جي صدر جا ٿورائتو آهيان. هن چيو ته پا??ست??ن ۽ گڏيل عرب امارات جي وچ ۾ قابل تجديد توانائي جو معاهدو خوش آئنده آهي، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ شمسي توانائي ۽ ونڊ پاور سميت قابل تجديد توانائي ۾ تعاون جو بهترين موقعو آهي، گڏيل عرب امارات جي ڪمپنين کي ان شعبي ۾ پا??ست??ن ۾ سيڙپڪاري ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته اسان پرڏيهي سيڙپڪارن کي راغب ڪرڻ جي لاءِ شاندار منصوبو تيار ڪيو آهي. وزيراعظم چيو ته پا??ست??ن ۽ گڏيل عرب امارات جي وچ ۾ قابل تجديد توانائي منصوبي جيصلاحيت 10 هزار ميگاواٽ آهي، پنجاب، بلوچستان سميت ٻين علائقن ۾ سج جي روشني کي استعمال ۾ آڻي سگهجي ٿو جڏهن ته سنڌ ۽ خيبرپختونخواهه ۾ ونڊ پاور مان فائدو کڻي سگهجي ٿو. هن چيو ته اسان مفاهمت جي ان ياداشت کي معاهدي ۾ تبديل ڪري ان تي تيزي سان عملدرآمد يقيني بڻائينداسين. هن چيو ته گڏيل عرب امارات سدائين پا??ست??ن جي ڀرپور مدد ڪئي، پا??ست??ن جي آءِ ايم ايف سان معاهدي ۾ پڻ گڏيل عرب امارات جو اهم ڪردار آهي جنهن تي ان جا ٿورائتا آهيون، پا??ست??ني حڪومت ۽ عوام پاران گڏيل عرب امارات جي حڪومت ۽ عوام جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪريان ٿو، سعودي عرب، چين ۽ گڏيل عرب امارات جي مدد کانس??اء?? اهو معاهدو ممڪن نه هو، ناڻي واري وزير اسحاق ۽ ان جي ٽيم پڻ ڀرپور محنت ڪئي. ڪوپ – 28 جي صدر ۽ گڏيل عرب امارات جي موسمياتي تبديلي جي نمائندي صنعت ۽ ٽيڪنالاجي واري وزير ڊاڪٽر سلطان احمد الجابر ڳالهه ٻولهه ڪندي چيو ته شاندار ميزباني تي پا??ست??ن جو ٿورائتو آهيان، گڏيل عرب امارات جي صدر پاران پا??ست??ني حڪومت ۽ عوام جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪريان ٿو. هن چيو ته پا??ست??ن ۽ گڏيل عرب امارات جي وچ ۾ خصوصي دوستاڻا ۽ ڀائراڻا لاڳاپا ۽ پائيدار حصيداري آهي، اسان ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ نوان موقعا ڳولي دوستاڻن لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون. هن چيو ته ڪوپ – 28 ڪانفرنس ?? موسمياتي تبديلين کي منهن ڏيڻ جي لاءِ نتيجاخيز ۽ جامع ايڪشن پلان جوڙيو ويندو. هن چيو ته ڪانفرنس ?? سمورين ڌرين کي برابر موقعا ۽ سازگار ماحول فراهم ڪيو ويندو ته جيئن موسمياتي تبديلين جي اثرن ۽ ان کي منهن ڏيڻ جي لاءِ لاس اينڊ ڊيميج ۽ مالياتي عدم فراهمي سميت سمورن رخن جو جائزو وٺي سگهجي. هن چيو ته پا??ست??ن ۽ گڏيل عرب امارات جي وچ ۾ قابل تجديد توانائي جو معاهدو ٻنهي رخن ۾ بهترين قدم آهي، پا??ست??ن سان ان شعبي ۾ تعاون کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جا خواهشمند آهيون.