اسلام آباد – 07 –جولاءِ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب پي ٽي وي جي ڊائريڪٽر پروگ??ام اڪبر ملڪ جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي تعزيتي بيان ۾ هن اڪبر ملڪ جي گهرڀاتين ۽ ٻارن سان همدرديءَ جو اظهار ڪندي قومي ٽي وي جي لاءِ خدمتن تي اڪبر ملڪ مرحوم کي خراج عقيدت پيش ڪيو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته اڪبر ملڪ هڪ پروفيشنل، هر ڪنهن سان ??فقت ۽ احت??ام سان ملندڙ شخصيت هئي، هو اداري ۾ پنهنجي پيشيواراڻي ا??ليت جي اعليٰ معيار جي ڪري سڃاتو ويندو هو، ان ??و لاڏاڻو قومي اداري جي لاءِ وڏو نقصان ??هي. اطلاعات واري وفاقي وزير دعا ڪئي ته الله تعاليٰ مرحوم جنت الفردوس ۾ اعليٰ مقام عطا فرمائي ۽ پونئيرن کي صبر ڏي.