??يد??آباد- 15 جون (اي پي پي) توانائيءَ واري وفاقي وزير انجنيئر خرم دستگير خان چيو آهي ته سامونڊي طوفان سبب پيدا ٿيل صورتحال جو لاڳيتو جائزو وٺي رهيا آهيون، وزيراعظم شهباز شريف جي اڳواڻيءَ ۾ قدرتي آفتن کي مُ??هن ڏيڻ لاءِ جامع منصوبا بندي تيار ڪئي آه??، ڪوشش آهي ته بجلي جي فراهمي بنا رڪاوٽ برقرا رهي. هو ??يد??آباد ۾ حيسڪو پاور ونگ ڪانفرنس هال ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪري رهيو هو. ان موقعي تي حيسڪو چيف مظفر عباسي ۽ ٻيا به موجود هئا. هن چيو ته تيز طوفاني هوائن سان ننڍا ننڍا نقصان ٿيا آهن جڏهن ته سامونڊي طوفان بائپر جوائي سبب بجليءَ جي نظام ۾ ڪوبه وڏو خلل نه آيو، پر آر ايل اين اين جي گيس جي فراهمي متاثر ٿي آهي، هاڻي گيس به وٺي ڇڏي آهي. هن چيو ته جهمپير ۾ 8 پول تيز هوائن سبب ڪِري پيا، ا??هن تي ڪم جاري آهي. سجاول، لاڏيون گرڊ اسٽيشن متاثر ٿيو آهي، اڄ تائين اهي به بحال ٿي ويندا، جتي جتي ضرورت پئي اين ٽي ڊي سي ۽ ڊسٽري بيوشن عملو گُهرايو پيو وڃي. ملتان ۽ فيصل آباد مان 2 ه??ار ماڻهو پهچي رهيا آهن، حيسڪو به هڪ منصوبو ٺاهيو آهي. هن چيو ته توانائي واري وزارت قومي جذبي سان ڪم ڪري رهي آهي، بائپر جواءِ تي قومي تاثر اچي رهيا آهن، سڀئي ان کي مُ??هن ڏيڻ ۾ تعاون ڪري رهيا آهن. وزيراعظم شهباز شريف جي اڳواڻيءَ ۾ قدرتي آفتن کي مُ??هن ڏيڻ لاءِ جامع منصوبا بندي تيار ڪئي آهي. هن چيو ته برسات ۽ طوفان سبب بجلي جي معمول جي فراهمي ۾ ڪوبه فرق نه آيو آهي، جڏهن ته لوڊشيڊنگ جيڪڏهن ٿي رهي آهي ته ان جو سبب اهو آهي ته حيسڪو جي نقصان تمام گهڻو آهي ان لاءِ ضابطي تحت لوڊشيڊنگ ٿي رهي آهي. هن چيو ته ٺٽي، سجاول ۽ بدين ۾ بجلي جي فراهمي جلد بحال ڪئي ويندي. حيسڪو جي 12 ٽرانسميشن ۽ 90 فيڊرز آهن جن تي طوفان سان اثر پئجي سگهي ٿو. هن چيو ته ملڪ ۾ معاشي مسئلا آهن جيتوڻيڪ ??جهه اڻٽر سببن جي ڪري ڪراچي ۽ ??يد??آباد جي بجلي جي سپلاءِ ڪندڙ ڪمپنين کي سبسڊي ڏئي رهيا آهيون. هن چيو ته قومي پاليسيءَ تحت هر صارف کي مساوي ٽيرف ڏنو وڃي ٿو.