اسلام آباد-12 جون (اي پي پي) قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزير، اعظم نذير تارڙ چيو ??هي ته موجوده حڪومت ملڪ جي سيع تر مفاد ۾ سڏڪندڙ معيشت کي بهتر بڻائڻ لا??ِ ڏينهن رات ڪم ڪيو، زرعي شعبي لا??ِ انقلابي پيڪيج ڏنو آهي. ٻج، زرعي اوزار، آءِ ٽي ۽ نوجوانن لا??ِ رعايتون ڏنيون ويون آهن. معيشت جي بهتريءَ جو سفر جاري رهندو، سياست ۾ لاقانونيت ۽ بي لچڪ رويا نٿا رکي سگهجن پر ڳالهين ۽ حالتن مطابق فيصله سازي ڪئي وڃي ٿي. سينيٽ اجلاس دوران ايندڙ مالي سال 24-2023ع جي بجيٽ تي ڳالهائيندي سينيٽر اعظم نذير تارڙ چيو ??ه اپوزيشن جي مثبت تجويزن جي آجيان ڪريون ٿا. جمهوريت ۾ دروازا هڪٻئي لا??ِ کليل رکڻ گهرجن. هن چيو ??ه ان ۾ ڪي به ٻه رايا نه آهن جڏهن اسان کي حڪومت ملي ته معيشت سڏڪي رهي هئي، اسان ان کي ڳالهائڻ کان پهريان پنهنجي گريبان ۾ ڏسڻ گهرجي، 2017ع ۾ هڪ ايڊونچر ڪيو ويو، ان وقت پاڪستان دنيا جي 24هين وڏي معيشت هئي، پاڪستان جي 20 ۾ شامل ٿيڻ لا??ِ تيار هو، ڊالر 106 رپين جو هو، کاڌي پيتي جون قيمتون پوري خطي ۾ سڀ کان گهٽ هيون، اؤسر واري شرح خطي ۾ سڀ کان بهترين هئي. هن چيو ??ه پوءِ نواز شريف خلاف فيصلو آيو ??ن جي حڪومت کي ختم ڪري جمهوري عمل کي ڊي ريل ڪيو ويو ??نهن کي اڄ اسان ڀوڳي رهيا آهيون. وفاقي وزير چيو ??ه ماضيءَ جي حڪومت پنهنجي 4 سالن جي حڪومتي دؤر ۾ سڀ کان وڌيڪ قرض ورتا، اهي قرض گذريل 70 سالن لا??ِ ورتل قرضن جو 80 سيڪڙو آهن. هن چيو ??ه 2018ع جي چونڊن کانپوءِ خدشن باوجود شهباز شريف ميثاق معيشت لا??ِ هٿ وڌايو. هن چيو ??ه سياسي استحڪام سان معيشت مستحڪم ٿيندي آهي. معاشي سڌارن لا??ِ پاليسين جو تسلسل ضروري آهي. ميثاق معيشت جي دعويٰ کي مذاق بڻايو ويو، اسان ايوان ۾ گذريل حڪومت جي آءِ ايم ايف سان سخت شرطن تي معاهدن تي مخالفت ڪئي. هن معاهدو ڪيو ۽ ان تي عمل نه ڪيو ??نهن جو ڪيتو قوم ڀوڳي رهي آهي، موجوده حڪومت ملڪ جي وسيع تر مفاد ۾ سڏڪندڙ معيشت کي بهتر بنائڻ لا??ِ ڏينهن رات ڪم ڪيو. معاشي ٽيم مستحق ۽ ڪمزور ماڻهن لا??ِ گنجائش پيدا ڪئي، بي آءِ ايس پي جو بجيٽ وڌايو ويو، سڄي ملڪ ۾ برساتن سبب وڏي پيماني تي نقصان ٿيو ??نهن جو ڪاٿو 30 ارب ڊالر لڳايو ويو، ??وم ان صورتحال جو بهادريءَ سان مقابلو ڪيو، ??اڪستان جي آئين ۾ لا??م آهي ته ان تي پُرخلوص نيت سان ڪم ڪيو وڃي. هن چيو ??ه سياست ۾ لاقانونيت ۽ بي لچڪ رويا نٿا رکي سگهجن بلڪ ڳالهين ۽ حالتن مطابق فيصلا سازي ڪئي وڃي ٿي. هن چيو ??ه ڦريو ۽ لُٽيو ??ي ذهن سازي هنن ڪئي ۽ 9 مئي تي جيڪو ڪجهه ٿيو ??هو ڪاري ڏينهن طور ياد رکيو ويندو. قوم همت ۽ جرئت سان ان مشڪل صورتحال کي مُنهن ڏنو. هي ملڪ ڪلمهءِ طيبه جي نالي سان بڻيو ??هي ۽ ترقيءَ جو سفر جاري رکيو ويندو. هن چيو ??ه بجيٽ ۾ پگهاردار طبقي، نوجوانن، پورهيتن ۽ هارين سميت گهريلو ملازمن جو خيال رکيو ويو ??هي. هن چيو ??ه مهانگائيءَ جي روشنيءَ ۾ سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۾ گريڊ هڪ کان 16 تائين 35 سيڪڙو جڏهن ته گريڊ 17 کان 22 تائين 30 سيڪڙو اضافو ڪيو ويو ??هي. مزدور جي گهٽ ۾ گهٽ اجرت 32 هزار رپيا مقرر ڪئي وئي آهي. صوبا پڻ ان جي پيروي ڪري رهيا آهن.