اسلام آباد – 02 – مئي (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي حڪومت ۽ پي ٽي آءِ جي ڳالهين جي ڪاميابي جي اميد ظاهر ڪندي چيو آهي ته چونڊون بهرحال ٿيڻيون ئي آهن، چونڊون نه ٿيڻ جو ڪو ٺوس جواز نه آهي، پاڪ فوج پاران هڪ ڀيرو ٻيهر چيو ويو آهي ته فوج غيرسياسي ادارو آهي، عوام پاڻ رستن تي نه ٿي اچي پر سياستدان آئين جي تحفظ جي لاءِ انهن ??ي متحرڪ ڪن ٿا. هڪ نجي ٽي وي چينل کي انٽرويو ڏيندي صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته آئين کان ڪنهن به صو??ت ۾ انحراف نه ٿيڻ گهرجي، اهو چيو پيو وڃي ته چونڊن جي لاءِ پئسا نه آهن پر ترقياتي منصوبن تي ڪم جاري آهي. هن ??يو ته ملڪ جي اندر حالتون خراب نه آهن ۽ نه ئي جنگ ٿي رهي آهي جو چونڊون نه ٿي سگهن، ان حوالي سان ڪو جواز قبول نه ٿو ??ري سگهجي. هن ??يو ته آمريڪا ۾ گهرو ويڙهه دوران به وقت تي چونڊون ڪرايون ويون اهو طرزعمل جمهوري قدرن کي وڌيڪ سگهه ڏي ٿو. جمهوريت تڏهن مضبوط ٿيندي جڏهن اصولن تي ڪاربند رهيو وڃي. هن ??يو ??ه هو گذريل 10، 15 سالن کان شفاف چونڊن جي لاءِ اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين متعارف ڪرائڻ جي حمايت ??ري رهيو آهي پر ان ڏس ۾ لاڳاپيل فورم پاران سنجيدگي جو مظاهرو نه ڪيو ويو انهي جي ??ري هر اليڪشن کانپوءِ ڌانڌلي جا آواز اٿن ٿا. هن ??يو ته جيڪي قومون دنيا سان گڏ هلڻ جي لاءِ تيار نه آهن ۽ پنهنجا مسئلا حل حل نه ٿيون ??ري سگهن اهي ترقي جي ڊوڙ ۾ پٺتي رهجي وڃن ٿيون. هن ??يو ته 250 کان وڌيڪ بل مون وٽ موڪليا ويا، اليڪٽرانڪ ووٽنگ بل سميت ڪجهه بلن تي مون کي خدشا هئا جيڪي منظوري کانسواءِ واپس موڪلي ڇڏيا. هڪ سوال جي جواب ۾ هن ??يو ته پي ٽي آءِ جي حڪومت جي دور ۾ مديني جي رياست ته نه ٺهي سگهي پر رخ جو تعين ٿيڻ به اهم هوندو آهي. هن ??يو ته منهنجي ۽ پي ٽي آءِ جي سوچ هڪ آهي پر ان بنياد تي مون هن عهدي جي تضحيڪ ڪڏهن به ٿيڻ نه ڏن?? آهي.