اسلام آباد – 27 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف قومي اسيمبلي مان اعتماد جو ووٽ وٺڻ کانپوءِ حڪومت جي اتحادي پارٽين جي م??مبر?? جي سيٽن تي وڃي انهن جا ٿورا مڃيا. قومي اسيمبلي ۾ وزيراعظم تي اعتماد جي قرارداد جي م??ظوري کانپوءِ حڪومت ۽ اتحادي پارٽين جي م??مبرن خوشي جو اظهار ڪندي ڊيسڪون وڄايون. وزيراعظم اعتماد جو ووٽ وٺڻ کانپوءِ پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري جي سيٽ تي وڃي ان جا ٿورا مڃيا. ان کانسواءِ وزيراعظم جي يو آءِ (ف)، اي اين پي، بي اين پي م??نگل، بلوچستان عوامي ??ارٽي ۽ ايم ڪيو ايم سميت ٻين ميمبر?? جي سيٽن تي ويو ۽ هن انهن جا ٿورا مڃيا.