ثمرقند – 13– اپريل (اي پي پي) پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير حنا رباني کر روسي پرڏيهي وزير سرگئي لاوروف سان ازبڪست??ن جي شهر ثمرقند ۾ ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس موجب افغانست??ن جي پاڙيسري مل??ن جي چوٿين اجلاس جي موقعي تي روسي پرڏيهي وزير سان مملڪتي وزير جي ملاقات ۾ ٻطرفن لاڳاپن سان گڏوگڏ علائقائي ۽ عالمي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. پرڏيهي وزير سرگئي لاوروف ۽ پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير حنا رباني کر ٻنهي مل??ن جي گڏيل فائدي جي لاءِ اعليٰ سطح جي مٽاسٽا جي اهميت تي اتفاق ڪيو. هنن واپار ۽ سيڙپڪاري، توانائي ۽ غذائي تحفظ ۾ ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ وڌائڻ جي اهميت تي اتفاق ڪيو. ملاقات ۾ پرامن، مستحڪم، ??ودمختيار ۽ خوشحال افغانست??ن جي گڏيل مقصدن کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ ويجهي مشاورت جي اهميت تي اتفاق ڪيو ويو. ڌرين شنگهائي تعاون ??نظ??م تحت مختلف اقتصادي قدمن تي اڳڀرائي جو پڻ جائزو ورتو.