لاهور – 24 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف لاهور ۽ قصور ۾ مفت اٽي جي ورڇ جي مختلف جاين جو اوچتو دورو ڪيو ۽ لاڳاپيل عملدارن کي ه??اي?? ڪئي ته رمضان المبارڪ ۾ اٽي جي ورڇ دوران ڪنهن به شهري کي ڪا تڪليف نه ٿيڻ گهرجي، بزرگ، معذور ۽ ڪمزور ماڻهن جو خاص خيال رکيو وڃي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پ??را?? جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف عورتن ۽ مرد شهرين کان مفت اٽي جي فراهمي ۾ مشڪلاتن بابت پڇيو. وزيراعظم اٽي جي معيار ۽ ان کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ مشڪلاتن بابت پڻ شهرين جي راءِ معلوم ڪئي. وزيراعظم شهرين جي راءِ جي روشني ۾ عملدارن کي قدم کڻڻ جي ه??اي?? ڪئي. وزيراعظم شهرين جي لاءِ ا??تظ??رگاهه جو پڻ دورو ڪيو، ا??تظ??م ڏٺا. وزيراعظم ه??اي?? ڪئي ته رمضان المبارڪ ۾ ڪنهن به شهري کي ڪا تڪليف نه ٿيڻ گهرجي، بزرگ، معذور ۽ ڪمزور ماڻهن جو خاص خيال رکيو وڃي، بزرگ عورتن ۽ ٻارن سان گڏ ايندڙ عورتن جي لاءِ پڻ بهترين ا??تظ??م يقيني بڻايا وڃن. وزيراعظم چيو ته ان خير جي ڪم کي سرڪاري ڊيوٽي نه خدائي ڊيوٽي سمجهي سرانجام ڏيو، رمضان المبارڪ ۾ خدا جي مخلوق جي خدمت ڪري الله تعاليٰ کي راضي ڪ??يو. وزيراعظم مفت اٽي سينٽر ۾ آيل ٻارن سان پڻ مليو، ڳالهه ٻولهه پڻ ڪئي. وزيراعظم شهرين ۾ مفت اٽي جا ٿيلها پڻ ورهايا. وزيراعظم فوڊ سيڪريٽري، چيف سيڪريٽري پنجاب، ڊپٽي ڪمشنرز کي بهتر ا??تظ??م?? تي شاباس ڏني ۽ وزيراعظم ا??تظ??ميا ۽ عملي جي ڪارڪردگي کي پڻ س??را??يو.