بيجنگ-03 مارچ (اي پي پي) چين جي پرڏيهي وزارت يوڪرين بحران کي هڪ سال مڪمل ٿيڻ تي يوڪرين بحران جي سياسي حل تي ”چين جو موقف“ جي عنوان سان هڪ جامع ??ست??ويز جاري ڪيو آهي. ان حوالي سان گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل جي ترجمان ڊيجارڪ جو چوڻ هو ته چيني حڪومت طرفان تجويز ڪيل پروگرام هڪ اهم خدمت آهي، جنهن ۾ ايٽمي هٿيارن جي استعمال يا استعمال جي ڌ??ڪي جي مخالفت جي تجويز خاص طور تي اهم آهي. ان کانسو??ءِ ڪيت??ن ئي يورپي ملڪن جي سياسي ماهرن تازو ئي ان ??ست??ويز تي مثبت تبصرا ڪيا آهن. سربيا جي ا??وڻي پرڏيهي وزير ايوان مرڪ چيو ته چين هن وقت هڪ انتهائي اهم ??ست??ويز جاري ڪيو جنهن ۾ جنگ بندي ۽ جنگ جي خاتمي ۽ امن ڳالهين جي آغاز جو مطالبو ڪيو ويو، هي يوڪرين جي بحران جي سياسي حل جو رستو بڻائي ٿو ۽ مسئلي جي پرامن حل جي ڳولا ۾ سمورين ڌرين ل??ءِ هڪ منصوبو فراهم ڪري ٿو. هن چيو ته منهنجي ر??ءِ ۾ اهو قدم هڪ وڏي ملڪ جي حيثيت سان چين جي ذميواري کي ظاهر ڪري ٿو، جيڪو عالمي سطح تي ان جي سياسي اثر رسوخ سان هڪجهڙائي رکي ٿو، جرمني جي هيسن رياست جي يورپي ۽ عالمي معاملن جي کاتي جي ا??وڻي ڊائريڪٽر ۽ چائنا انٽرنيشنل انويسٽمينٽ پروموشن سينٽر(جرمني) جي سينئر ڪنسلٽنٽ ڊاڪٽر مائيڪل بورچمين جو خيال آهي ته چين جو موقف ??ست??ويز يوڪرين بحران جي خاتمي ل??ءِ واضح تجويزون پيش ڪري ٿو، هن چيو ته اسان يورپ ۾ نئين ورهاست نٿا چاهيون، اسان ڪو نئون تڪرار نٿا چاهيون، اسان امن کي يقيني بڻائڻ چاهيون ٿا، شنگهائي ۾ پولينڊ جي ا??وڻي قونصل جنرل شافش چيو ته اثر رسوخ جي دائرن ل??ءِ تيز چٽاڀيٽي پوري دنيا ۾ خاص طور تي ايشيا پيسفڪ، وچ ۽ اوڀر يورپ ۽ ٻين خطن ۾ آمريڪا جي وڌندڙ مهم جوئي جو سبب بڻجي آهي، آمريڪا يوڪرين بحران جي ذريعي روس کي ڀڙڪايو ۽ آبنائي تائيوان جي صورتحال کي وڌيڪ خراب ڪري چين کي ڀڙڪائيندو رهيو آهي، آمريڪا پهنجي وڃايل حيثيت کي ٻيهر حاصل ڪرڻ ۽ عالمي سطح تي پنهنجو اثر رسوخ وڌائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي.