اسلام آباد – 15 – فيبروري (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري سان ڊائريڪٽر جنرل انٽرنيشنل اٽامڪ انرجي ??يج??سي رافيل ماريانو گروسي ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس موجب ملاقات ۾ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. پرڏيهي وزير اٽامڪ انرجي کي صحت، زراعت، صنعت ۽ بجلي جي شعبن ۾ استعمال ڪرڻ جي اهميت تي زور ڏنو. ڊي جي انٽرنيشنل اٽامڪ انرجي ??يج??سي پاڪستان جي نيوڪليئر صلاحيتن کي ساراهيو. ڊائريڪٽر جنرل انٽرنيشنل اٽامڪ انرجي ??يج??سي رافيل ماريانوگروسي پاڪستان جي ٻن ڏينهن جي دوري تي اسلام آباد ۾ آهي.