اسلام آباد– 14 – فيبروري (اي پي پي) پرڏيهي معاملن واري وفاقي وزير بلاول ڀٽو زرداري اسلام آباد ۾ شام جي سفارتخاني وڃي پ??ڪس??ان ۾ شام جي سفير سان پ??ڪس??ان پاران شام ۾ تباهي آڻيندڙ زلزلي تي افسوس جو اظهار ڪيو. پرڏيهي وزير شام ۾ زلزلي سان ٿيندڙ قيمتي جاني ۽ مالي نقصان تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو. هن شامي سفارتخاني ۾ مهمانن جي ڪتاب ۾ پنهنجا تاثر پڻ قلمبند ڪيا. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته مشڪل جي گهڙيءَ ۾ پ??ڪس??ان جي حڪومت ۽ ع??ام شامي حڪومت ۽ ع??ام سان گڏ آهن.