اسلام آباد – 09 – فيبروري (اي پي پي) وزيرا??ظم محمد شهباز شريف ترڪيه جي زلزلي متاثرين جي لاءِ عطيو جمع ڪرائڻ جي ملڪ گير مهم هلائڻ جي هدايت ڪندي عوام جي سمورن طبقن کي اپيل ڪئي آهي ته اهي ترڪيه جي مصيبت سٽيل ڀينرن ڀائرن جي لاءِ دل کولي عطيو ڏين، اسان کي عطيي سان پنهنجي ترڪيه جي عوام کي اهو پيغام ڏيڻو آهي ته اسان انهن سان گڏ آه??ون. وزيرا??ظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيرا??ظم هدايت ڪندي چيو آهي ته تعليم، مذهبي معاملن، ناڻي، وا??ار ۽ معاشي معاملن واري وزيرن، صوبائي حڪومتن کي عطيو گڏ ڪرڻ جي مهم ۾ ڀرپور شرڪت ڪن. وزيرا??ظم چيو ته صنعت ۽ وا??ار وارا ايوان، ڪاروباري برادري، سرنديءَ وارن ماڻهن، عالم سڳورن، تعليمي ادارن سميت معاشري جي سمورن طبقن کي مهم ۾ شامل ڪيو ويندو. هن تعليم ۽ پيشيواراڻي تربيت واري وفاقي وزير راڻا تنوير حسين کي تعليمي ادا??ن ۾ عطيو گڏ ڪرڻ جي مهم شروع ڪرڻ جي هدايت ڪئي ۽ چيو ته ترڪيه جي زلزلي متاثرين جي مدد جي اپيل تحت مهم هلائي و??ي. ??زيرا??ظم جي هدايت تي تعليم وارو وفاقي وزير اڄ جمعي کان مختلف تعليمي ادارن جو دورو ڪندو. تعليم واري وفاقي وزير راڻا تنوير حسين وزيرا??ظم پاران شاگردن کي عطيو ڏيڻ جي اپيل ڪندو. تعليمي ادا??ن ۾ ترڪيه جي عوام لاءِ خصوصي ڪئمپ هنيا ويندا. گڏ ٿيندڙ عطيو ترڪيه جي عوام جي مدد لاءِ استعمال ٿيندو. مذهبي معاملن وارو وفاقي وزير مذهبي طبقن ۽ عالم سڳورن سان رابطو ڪندو. ترڪيه جي عوام جي مدد لاءِ عوامي راءِ هموار ڪندو. وزيرا??ظم عوام جي سمورن طبقن کي اپيل ڪئي آهي ته اهي ترڪيه جي مصيبت سٽيل ڀينرن ڀائرن جي لاءِ دل کولي عطيو ڏين. اسان کي عطيي سان پنهنجي ترڪيه جي عوام کي اهو پيغام ڏيڻو آهي ته اسان انهن سان گڏ آه??ون.