اسلام آباد -04 فيبروري (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته اڄ يوم يڪجهتي ڪ??مير جي موقعي تي پاڪستاني عوام پنهنجي ڪ??ميري ڀائرن ۽ ڀينرن جي قربانين کي سلام پيش ڪري ٿو جنهن گذريل 75 سالن کان وڌيڪ عرصي کان وحشياڻي ڀارتي ڏاڍ ۽ ظمن ??ي منهن ڏنو آهي. يوم يڪجهتي ڪ??مير جي حوالي سان پنهنجي هڪ بيان ۾ پرڏيهي وزير چيو ته 7 ڏهاڪن کان وڌيڪ عرصي کان ڀارتي قابض فوج ڪشميرين تي ظلم ڪري رهي آهي ۽ کين سندن حقن کان محروم ڪري رکيو آهي، هن چيو ته اڄ ڀارت جي غير قانوني قبضي هيٺ ڄمون ڪشمير دنيا جي سڀ کان وڏي فوجي مقرري وارن علائقن مان هڪ آهي جتي 9 لک کان وڌيڪ قابض ڀارتي فوجي مقرر آهن. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ڀارت 5 آگسٽ 2019ع جي پنهنجي غير قانوني ۽ هڪطرفن قدمن سان والاريل ڄمون ڪشمير جي ماڻهن کي دٻائڻ جو نئون باب کولي ڇڏيو آهي، ڀارتي حڪمرانن چونڊ تڪن جي تازي حد بندي، غير ڪشميرين کي لکين ڊوميسائيل سرٽيفڪيٽس جاري ڪ??ڻ ۽ ووٽر لسٽن ۾ لکين غير ڪشميرين کي شامل ڪيو آهي جنهن جو مقصد ڪشميرين کي انهن جي پنهنجي سرزمين ۾ هڪ بي اختيار اقليت ۾ تبديل ڪرڻ آهي، هن چيو ته ڪشميري مسلسل خوف جي حالت ۾ زندگي گذاري رهيا آهن ڇاڪاڻ ته ڀارتي فورسز طرفان گهيراءُ ۽ تلاشي جي ڪ??ررواين ۾ طاقت جو انڌاڌنڌ استعمال ۽ عدالتن کان مٿانهين قت?? جو سلسلو جاري آهي، سياسي ڪ??رڪنن ۽ انساني حقن جي محافظن کي پنهنجي ڳالهه مڃرائڻ، غير قانوني حراستن، تشدد ۽ جائيدادن جي ضبطي کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي، هن چيو ته ڀارت کي پنهنجي غير قانوني قبضي هيٺ والاريل ڄمون ڪشمير ۾ انساني حقن جي پنهنجي سنگين خلاف ورزيون ختم ڪرڻيون پونديون. ڀارت آبادياتي ڍانچي ۾ تبديلين سميت 5 آگسٽ 2019ع جي هڪطرفي ۽ غير قانوني قدمن ??ي واپس وٺي. هن چيو ته ڀارت سخت قانونن کي ختم ڪري ۽ عدالت کان مٿانهين قت?? جي معاملن ۾ گڏيل قومن جي طرفان ڏنل جاچ جي اجازت ڏي ۽ ڄمون ڪشمير تي گڏيل قومن جي سلامتي ڪ??ئونسل جي لاڳاپيل قراردادن تي عملدرآمد ڪري. پرڏيهي وزير چيو ته مون پنهنجي ڪ??ميري ڀائرن ۽ ڀينرن کي ياد ڏيارڻ چاهان ٿو ته جيستائين ڪشميري ڀارتي ظلمن جو شڪار آهن، پاڪستان ڪڏهن به سک سان نه ويهندو ۽ نه ئي خاموش تماشائي بڻجندو. ڄمون ڪشمير جو تڪرار پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي جو اهم جزو رهندو. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته اسان ڪشميري عوام جي ان وقت تائين اڻٽر اخلاقي، سفارتي ۽ سياسي حمايت جاري رکندا جيستائين ڪشميرين کي گڏيل قومن جي سلامتي ڪ??ئونسل جي قراردادن موجب خودمختياري واري حق حاصل نٿو ٿئي.