جنيوا – 09 – جنوري (اي پي پي) گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتيرس چيو آه?? ته تباهي آڻيندڙ ٻوڏ سان پا??ستان جي وڏي حصي کي شديد نقصان پهتو آه??، انفراسٽرڪچر جي بحالي جي لاءِ وڏي پئماني تي قدمن جي ضرورت آه??، پا??ستان کي ٽن سالن جي مدي ۾ 16.3 ارب ڊالر جي امداد گهربل هوندي. گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل اها ڳالهه جنيوا ۾ پا??ستان جي نئين سر تعمير ۽ بحالي ۾ حصيداري جي موضوع تي ٿيندڙ عالمي ڪانفرنس جي افتتاحي سيشن کي خطاب ڪ??دي چئي. هن چيو ته ڪانفرنس جي ذريعي ڪيش، ٽرانسفر ۽ ٻين طريقن سان مدد ڪري سگهجي ٿي، پا??ستان ۾ ٻوڏ سان ٿيندڙ تباهي جو پا?? وڃي مشاهدو ڪيو، تازي ٻوڏ سان پا??ستان جو وڏو حصو متاثر ٿيو آه??. گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتيرس چيو ته پا??ستان ۾ ٻوڏ سان ٿيندڙ تباهي جا منظر ڏسي دل ٽٽي وئي، ٻوڏ سان 80 لک جي لڳ ڀڳ ماڻهو بي گهر ٿيا، مشڪل حالت ۾ به پا??ستانين جو جذبو ڏسي حيران ٿي ويس. ان کان اڳ پنهنجي خطاب ۾ هن ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪندڙ مهمانن جا ٿورا مڃيا. انتونيو گوتيرس چيو ته تباهي آڻيندڙ ٻوڏ سان پا??ستان جي وڏي حصي کي شديد نقصان پهتو آه??، پا??ستان جي عوام ٻوڏ متاثرين جي لاءِ فراخدلي جو مظاهرو ڪيو آه??. گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل چ??و ته ماحول ۾ ڪاربن جي اخراج ۾ پا??ستان جو حصو هڪ سيڪڙو به نه آه??، تباهي آڻيندڙ ٻوڏ جو ذميوار پا??ستان هرگز نه ٿو ٿي سگهي. هن چيو ته ڪانفرنس ان ڊگهي سفر جي شروعات آه?? جنهن کي سڀني کي گڏجي طئي ڪرڻو آه??. پا??ستان جي نئين سر تعمير ۽ بحالي ۾ حصيداري جي موضوع تي جنيوا ۾ ٿيندڙ عالمي ڪانفرنس جي ميزباني وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتيرس ڪري رهيا آه??. پا??ستان ڪانفرنس ۾ نئين سر تعمير ۽ ٻوڏ کان متاثر علائقن جي بحالي جو فريم ورڪ پيش ڪيو. وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري پنهنجي خطاب دوران ٻوڏ کان متاثر علائقن جي نئين سر تعمير ۽ بحالي جي منصوبي کي عملي جامعو پارائڻ جي لاءِ عالمي تعاون ۽ ڊگهي مدي واري حصيداري جي اهميت تي زور ڏنو.