اسلام آباد – 08 – ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته معذور ما??هن سان ڪو ب?? امتيازي سلوڪ، روڪ، بي عزتي يا دقيانوسي رويو انتهائي مذمت جوڳو آهي، معذور ماڻهو ذهني طور تي ايترا ئي قابل هوندا آهن جيترا ٻيا انسان آهن، بحيثيت معاشرو اسان کي معذور ما??هن بابت پنهنجي روين کي بدلائڻ گهرجي ۽ زندگي جي سمورن شعبن ۾ جامعيت پيدا ڪرڻ گهرجي، عوامي جاين ۽ عمارتن جي ڪنهن به حصي ۾ انهن جي چرپر ۾ ايندڙ رڪاوٽن کي ختم ڪرڻ گهرجي، انهن کي هنر فراهم ڪرڻ ۽ نوڪرين جا موقعا پيد ڪرڻ گهرجن. اهڙن خيالن جو اظهار هن ايوان صدر ۾ معذور ما??هن جي عالمي ڏينهن جي حوالي سان تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. تقريب ۾ خاتون اول بيگم ثمينه عارف علوي، ورلڊ هيلٿ آرگنائيزيشن (ڊبليو ايڇ او) جي نمائندن، معذور ماڻهن، مختلف ملڪن جي سفيرن ۽ زندگي جي مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ ما??هن شرڪت ڪئي. ان موقعي تي خطاب ڪندي صدر چيو ت?? معذور ما??هن خيرات جي بنياد تي نه پر برابر صلاحيتن و??رن ما??هن طور نوڪريون ڏيڻ گهرجن ۽ انهن کي اد??رن جو ڪارائتو ميمبر بڻائڻ جي لاءِ خصوصي طور تي جوڙيل نوڪريون ۽ اوزار فراهم ڪيا وڃن. هن چيو ت?? معذور ما??هن کي تعليم جي فراهمي جي لاءِ سمورا ضروري قدم کنيا وڃن ۽ انهن کي قومي، صوبائي ۽ مقامي سطح تي انهن جي چرپر ۽ شموليت جي راهه ۾ ايندڙ رڪاوٽن کي ختم ڪرڻ جي لاءِ اوزار ۽ معاون ٽيڪنالاجي فراهم ڪئي وڃي، ان کانسواءِ انهن کي عزت، وقار ۽ قابليت موجب نوڪريون ڏنيون وڃن. هن چيو ت?? اسان هيستائين نظرانداز ڪيل 10 سيڪڙو آبادي کي معاشري جي پيداواري ۽ ڪارائتي ما??هن ۾ تبديل ڪري سگهون ٿا ۽ انهن کي ان قابل بڻائي سگهون ٿا ته اهي پنهنجي قوم جي تعمير ۾ پنهنجو حصو وجهي سگهن. هن چيو ت?? معذور ما??هن بابت معاشري ۾ دقيانوسي تصور هئا ۽ انهن کي توهين کي پڻ منهن ڏيڻو پوندو هو جنهن سان امتيازي سلوڪ ۽ نفرت کي فروغ مليو ۽ معزور ما??هن کي روزاني جي سماجي سرگرمين ۾ حصو وٺڻ جي حوصلا شڪني ٿي. هن چيو ت?? معذور ما??هن کي خراب نالن سان سڏڻ ۽ انهن بابت دقيانوسي تصورن کي ختم ڪيو وڃي ۽ اسان جي معاشري کي جامع بڻائڻ جي لاءِ گڏيل رويي ۾ تبديلي جي ضرورت آهي جيڪو ملڪ جي ترقي جي لاءِ ضروري آهي. صدر چيو ت?? بئنڪ هاڻي معذور ما??هن کي خصوصي قرض ڏئي رهيون آهن ته جيئن اهي گهر ۾ رهي ڪاروبار ڪري سگهن ۽ مختلف آن لائين مارڪيٽنگ پليٽ فارمز تي انهن جي مارڪيٽنگ ڪري سگهن. هن چيو ت?? اهو اسان جو فرض آهي ته اسان ميديا جي ذريعي والدين ۽ معذور ما??هن جي وچ ۾ آگاهي پيدا ڪريون ته جيئن اهي انهن قرضن مان فائدو کڻي سگهن ۽ پنهنجي زندگي ۾ مالي ۽ معاشي طور تي خودمختيار بڻجن. ان کان اڳ بيگم ثمينه عارف علوي پنهنجي خطاب ۾ چيو ت?? ڊسمبر جو پورو مهينو معاشري جي سمورين سطحن ۽ اد??رن جي سرڪاري ۽ نجي شعبن ۾ معذور ما??هن جي حقن کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ وقف آهي. هن چيو ت?? اکين کان محروم سمورن ما??هن کي انهن جي چرپر ۾ مدد جي لاءِ سفيد ڇڙي فراهم ڪئي ويندي. هن چيو ت?? جيتوڻيڪ سرڪاري ۽ پرائيويٽ اد??رن ۾ معذور ما??هن جي لاءِ هڪ مقرر ڪوٽا هئي جڏهن ته اها ڪوٽا يا ته پوري نه ڪئي وئي يا معذور ما??هن کي خيراتي طور تي نوڪريون ڏنيون ويون. هن چيو ت?? اهڙيون نوڪريون پيدا ڪرڻ گهرجن جيڪي معزور ما??هن جي اهليت موجب هجن ۽ انهن کي پوري صلاحيت موجب ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪرڻ ۾ سهولت فراهم ڪن.