اسلام آباد – 06 – ڊسمبر (اي پي پي) پاڪستان ڀارتي حڪومت کان تاريخي باب??ي مسجد کي ان جي اصل جڳهه تي ٻيهر تعمير ڪرڻ ۽ ان جي تباهي جي ذميوار ڏوهارين ک?? سزا ڏيڻ جو مطالبو ڪيو آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان هندو ان??ها??سندن جي هٿان تاريخي باب??ي مسجد جي شهادت جي 30 سال مڪمل ٿيڻ جي موقعي تي هڪ بيان ۾ باب??ي مسجد جي جڳهه تي هندو مندر جي جاري تعمير جي مذمت ڪئي. ڀارت ۾ وڌندڙ اسلامو فوبيا ۽ نفرت انگيز ڏوهن جو نوٽيس وٺڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي پاڪستان عالمي برادري، گڏيل قومن ۽ لاڳاپيل عالمي ادارن ک?? اپيل ڪئي ته اهي ان??ها??سند ”هندوتوا“ حڪومت کان ڀارت ۾ اسلامي ورثي جي جاين جي تحفظ جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪن. بيان ۾ چيو ويو آهي ته اڄ ڀارت جي شهر ايوڌيا ۾ هندو ان??ها??سندن جي هٿان تاريخي باب??ي مسجد کي شهيد ڪرڻ جي 30 هين ورسيءَ آهي، هي موقعو ڀارت ۾ ان وقت کان وڌندڙ مسلم مخالف جنون جي هڪ افسوسناڪ ياد ڏياري ٿو. ترجما?? چيو ته اسان باب??ي مسجد جي تباهي جي ذميوار جوابدارن جي آزادي جي مذمت ڪريون ٿا. ترجمان پنهنجي بيان ۾ چيو ته ڀارت ۾ هندو بالادست گروهه وارانسي جي گيانواپي مسجد سميت ڪجهه ٻين مسجدن ک?? مندرن ۾ تبديل ڪرڻ جو مطالبو ڪري رهيا آهن، انهن مطالبن سان باب??ي مسجد جهڙا وڌيڪ واقعا ٿي سگهن ٿا. ترجما?? چيو ته ڀارتي مسلمانن جي مذهبي آزادين تي مسلسل حملو ٿي رهيو آهي، ڀارت ۾ حڪمران پارٽي مسلسل مسلمانن جي خلاف جذبن ک?? ڀڙڪائي نفرت کي هوا ڏئي رهي آهي. ه?? چيو ته جيئن ته اسلامي تعاون تنظيم (او آءِ سي) پنهنجي مختلف اعلانن جي ذريعي مطالبو ڪيو آهي، اسان ڀارتي حڪومت کان مطالبو ڪريون ٿا ته باب??ي مسجد کي ان جي اصل جڳهه تي ٻيهر تعمير ڪيو وڃي ۽ ان جي تباهي جي ذميوار جوابدارن ک?? سزا ڏني وڃي. ترجمان پنهنجي بيان ۾ وڌيڪ چيو ته عالمي برادري کي ڀارت ۾ وڌندڙ اسلامو فوبيا، نفرت انگيز تقريرن ۽ نفرت انگيز ڏوهن جو نوٽيس وٺڻ جي ضرورت آهي. اسان عالمي برادري، گڏيل قومن ۽ لاڳاپيل عالمي ادارن ک?? اپيل ڪريون ٿا ته اهي ان??ها??سند ”هندوتوا“ حڪومت کان ڀارت ۾ اسلامي ورثي جي جاين جي تحفظ جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪن. ه?? چيو ته ڀارتي حڪومت کي اقليتن خاص طور تي مسلمانن ۽ انهن جي عبادتگاهن جي تحفظ کي يقيني بڻائڻ گهرجي.