اسلام ??با??– 10 – نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته زبانون بند ڪرڻ وارا اڄ روڊ بند ڪري رهيا آهن، عمر??ن خان جي ڪري ملڪ ۾ فساد، انتشار ۽ نفرت پکڙيل آه??، عمر??ن خان رستا بند ڪري ڪهڙا مقصد حاصل ڪرڻ چاهي ٿو؟ پنهنجي هڪ بيان ۾ هن چيو ته عمر??ن خان جي ڪري اڄ اسڪولن ۽ اسپتالن جا رستا بند آهن، عمر??ن خان جيڪو پيسو رستا بند ڪرڻ ۽ جلاءُ گهيراءُ تي خرچ ڪري رهيو آهي اهو ٻوڏ متاثرين جي بحالي تي لڳائي چڏي ها، عمران نيازي جيڪو پيسو باهه لڳائڻ ۾ لڳائي رهيو آهي اهو ٻوڏ متاثرين جي کاڌي پيتي ۽ گرم ڪپڙن تي لڳائي ڇڏي ها. هن چيو ته جيڪو پيسو ٽائر ساڙڻ تي لڳائي رهيو آهي اهو ٻوڏ متاثرن جي چلهي ٻارڻ ۾ لڳائي چڏي ها، عمر??ن خان جيڪو پيسو اسڪول ۽ اسپتا?? بند ڪرائڻ تي لڳائي رهيو آهي اهو پنجاب ۽ خيبرپختواهه ۾ اسڪول ۽ اسپتالن تي لڳائي ڇڏي ها. هن چيو ته عمران نيازي جو مقصد ملڪ ۾ انتشار، فساد ۽ فتنو پکيڙڻ آهي، هي اهو ڊهيٽ ۽ فسطائي ماڻهو آهي، جنهن ٻوڏ متاثرين جي امداد تي به سياست ڪئ??، عمران نيازي چئن سالن تائين عوام کي کاڌي پيتي، بجلي، گيس، دوا کسي ۽ روزگار بند ڪيو ۽ اڄ روڊ بند ڪري رهيو آهي. هن چيو ته چار سال عوام جي دوا بند ڪرڻ وارو اڄ م??يضن جو رستو بند ڪري رهيو آهي.