اسلام آباد – 24 – آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته ڪينيا ۾ پاڪستان جي سينيئر صحافي ا??شد شريف جو مارجي وڃڻ انتهائي افسوسناڪ ۽ دل ڌوڏيندڙ واقعو آهي، ا??شد شريف جي مارجڻ جي واقعي تي ڪينيا جي حڪومت جي آفيشل بيان جو انتظار آهي، پاڪستان جي سفير ثقلين سيده مارچري ۾ موجود آهي جتي ا??شد شريف جي ميت ??ي سڃاڻپ ٿي آهي، وزيراعظم ا??شد شريف جي ميت پاڪستان آڻڻ جي لاءِ پرڏيهي ۽ گهرو وزارتن کي حڪم جاري ڪري ڇڏيا آهن، ڪينيا جي پوليس پاران جاچ جو عمل مڪمل ٿيڻ تي ڪينيا جي حڪومت پنهنجو بيان جاري ڪندي، اسان اصل حقيقتن کان ميڊيا کي آگاهه ڪنداسين. اهڙن خيالن جو اظهار هن سينيئر صحافي ا??شد شريف مرحوم جي گهر ٻاهران صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته ا??شد شريف جو ڪينيا ۾ مارجڻ انتهائي افسوسناڪ واقعو آهي، ان تي تعزيت ??ي لاءِ وٽس لفظ نه آهن. هن چيو ته هيستائين جي مليل معلومات موجب ا??شد شريف نيروبي کان اٽڪل هڪ ڪلاڪ جي سفر تي خرم نالي شخص سان گڏ سفر ڪري رهيو هو، هو جنهن گاڏي ۾ سوار هو اها ڪينيا جي مقامي ڊرائيور هلائي رهيو هو. هن چيو ته ڪينيا جي حڪومت پاران تفصيلن جو انتظار ڪري رهيا آهيون، ڪينيا جي حڪومت پوليس پاران جاچ جو عمل مڪمل ٿيڻ تي پنهنجو بيان جاري ڪندي. هن چيو ته شروعاتي جاچ جو هجڻ تمام ضروري آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته وزيراعظم جي خصوصي هدايت ??ي ڪيني?? ۾ ??سان جي هاءِ ڪمشنر ثقلين سيده مارچري ۾ موجود آهي جتي ا??شد شريف مرحوم جي ميت ??ي سڃاڻپ ڪئي وئي آهي. هن چيو ته پاڪستاني سفير سان گڏ نيروبي جي گورنر جو نمائندو، پوليس ۽ سمورا سينيئر اهلڪار به ا??ي موجود آهن. هن چيو ته وزيراعظم گهرو وزارت ۽ پرڏيهي وزارت کي هدايت ڪئي آهي ته ڪينيا ۾ پاڪستاني صحافي ا??شد شريف مرحوم جي ميت کي پاڪستان آڻڻ جي لاءِ سمورا انتظامي معاملا جلد کان جلد مڪمل ڪيا وڃن ۽ ان واقعي جي جاچ ڪينيا جي اندر پوليس سان رابطي ۾ رهي ڪئي وڃي. هن چيو ته مون ا??شد شريف جي والده سان ملاقات ڪئي آهي ۽ وزيراعظم به ان جي والده سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي آهي. وزيراعظم مرحوم جي والده کي يقين ڏياريو آهي ته هو پاڻ ان واقعي کي ڏسي رهيو آهي ۽ مرحوم ا??شد شريف جي ميت ??لد کان جلد وطن واپس آندي ويندي. هن چيو ته ڪينيا جي پوليس پاران هڪ بيان ڪينيا جي ميڊيا تي آيو آهي پر اسان کي ان بابت ڪينيا جي حڪومت جي آفيشل بيان جو انتظار ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته هڪ صحافي جي موت ٿي آهي، ان تي سياست نه ڪرڻ گهرجي، هي واقعو گهرڀاتين جي لاءِ هڪ افسوسناڪ لمحو آهي، وزيراعظم گهرو وزارت کي به ذميواري ڏني آهي ته ڪينيا جي پوليس سان گڏجي ان واقعي جي ممڪل جاچ ڪئي وڃي. هن چيو ته هي هڪ پوليس ڪيس آهي، ڪينيا ۾ پوليس جي جاچ عمل مڪمل ٿيڻ تي اتي موجود اسان جا آفيسر اسان کي تفصيلن کان آگاهه ڪندا ته ا??ان هتي ميڊيا ۽ گهرڀاتين کي به انهن تفصيلن کان آگاهه ڪنداسين. هڪ سوال تي هن چيو ته ا??شد شريف جي مارجڻ جي واقعي جا اصل ڪارڻ اچڻ تائين ان تي ڪا ڳالهه نه ٿي ڪري سگهجي. هن چيو ته پاڪستان جي هاءِ ڪمشنر ثقلين سيده پنهنجي وڪيل کي به ا??ي گهرايو آهي، واقعي جي سمورن رخن کان جاچ ٿي رهي آهي.