اسلام آباد – 18 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان متحده قومي موومينٽ جي وفد ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفي?? جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ متحده جي وفد وفاقي حڪومت جي ٻوڏ متاثرين جي ريسڪيو ۽ بحالي جي قدمن تي وزيراعظم کي خراج تحسين پ??ش ڪيو. ملاقات ۾ موجوده ملڪي سياسي صورتحال تي پڻ تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. متحده قومي موومينٽ پاڪستان جو ڪنوينر ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي جي قيادت ۾ وفد ۾ سامونڊي معاملن وارو وفاقي وزير فيصل سبزواري، سنڌ جو گورنر محمد ڪامران خان ٽيسوري ۽ وسيم اختر شامل هئا. ان موقعي تي اقتصا??ي معاملن وارو وفاقي وزير سردار اياز صادق، وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله ۽ ريلوي ۽ هوابازي وارو وفاقي وزير خواجه سعد رفيق پڻ موجود هئا.