اسلام آباد – 11 – آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات وا??ي و??اقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته عمران نيازي ايبسليوٽلي فراڊ، منافق، فارن فنڊيڊ فتنو آهي، عوام ان جي فراڊ ۾ اچڻ کان بچي، ان جي شخصيت رڳو ڪوڙ تي ٻڌل آهي، صدر به کيس ڪوڙو شخص قرار ڏئي چڪو آهي. پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي اطلاعات وا??ي و??اقي وزير چ??و ته عمران نيازي صبح ٻنپهرن شام ڪوڙ ڳالهائي ٿو، ان جو ڪم رڳو ڪوڙ ڳالهائڻ، ڪوڙ ڳالهائڻ جو سبق سيکارڻ ۽ ان جي تلقين ڪرڻ آهي، عمران نيازي جي شخصيت رڳو ڪوڙ تي ٻڌل آهي. هن چيو ته عمران نيازي کان سوال پڇو ته هو ٻين کان سوال پڇڻ شروع ٿي وڃي ٿو، ان کان ممنوعه فنڊنگ جو سوال ڪيو وڃي ته چوي ٿو ته ٻين پارٽين جي فنڊنگ به ٿي آهي. هن چيو ??ه ممنوعه فنڊنگ ڪيس جو فيصلو پي ٽي آءِ ۽ عمران خان جي خلاف آيو آهي، عمران خان ٻين پارٽين جي فنڊنگ ۽ اڪائونٽبليٽي جي حوالي سان اليڪشن ڪميشن ۾ ڪو ثبوت پيش نه ڪري سگهيو، ان جي ڪوشش رڳو هڪ بيانيو ٺاهڻ آهي ته ايترو ڪوڙ ڳالهايو جو سچ لڳڻ لڳي. مريم اورنگزيب چيو ته عمران نيازي کان ان جي چوري تي پڇو ته هي ٻين تي چوري جو الزام هڻي ڇڏي ٿو. هن چيو ته عمران خان جي صورتحال هن وقت اها آهي ته ”ياد ماضي عذاب آهي يا رب، کسي و?? مون کان حافظو منهنجو.“ عمران خان چار سال تائين ملڪ جو وزيراعظم رهيو، پنهنجي اختيارن جو ناجائز استعمال ڪيو، سياسي مخالف?? کي بليڪ ميل ڪرڻ جي لاءِ ڪڌا حربا اختيار ڪيا، ان وقت جي ايف آءِ اي جي ڊائريڪٽر جنرل کي پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي قيادت جي خلاف هٿ ٺوڪيا ڪيس داخل ڪرڻ تي مجبور ڪيو. طيبه گل کي وزيراعظم هائوس ۾ حبس بيجا ۾ رکيو ۽ نيب ڊي جي کي بليڪ ميل ڪيو، احتساب جي پوري مشينري ۽ رياستي طاقت جو بيجا استعمال ڪيو ۽ اڄ چوي ٿو ??ه مريم نواز، حسن نواز ۽ حسين نواز ڪٿي رهن ٿا. هن چيو ته جيڪڏهن عمران نيازي و?? شريف فيملي جي خلاف ثبوت هئا ته ڇو پيش نه ڪيا، ايون فيلڊ ۾ نيب ڇو ثبوت پيش نه ڪري سگهيو. اطلاعات وا??ي و??اقي وزير چ??و ته عمران نيازي شهباز شريف کي ٻه ڀيرا گرفتار ڪيو، کيس ڪوٽ لکپت ۽ اڊيالا جيل ۾ رکيو پر ان جي خلاف ڪو ثبوت پيش نه ڪري سگهيو. مريم اورنگزيب چيو ته عمران نيازي بار بار ڪوڙ ڳالهائي الزام هڻي ٿو. هن چيو ته عمران نيازي پنهنجو قد وڌائڻ ۽ پنهنجي سياست چمڪائڻ جي لاءِ نواز شريف، شهباز شريف ۽ مريم نواز تي الزام هڻي ٿو، هي اهو فتنو آهي جيڪو هن ملڪ جي اندر چار سال تائين اقتدار تي قابض رهيو، بنا جاچ جي هن سياسي مخالف?? کي گرفتار ڪيو، موت جي سزا جي چڪين ۾ رکيو پر انهن تي هڪ الزام ثابت نه ڪري سگهيو. هن چيو ته عمران نيازي وزيراعظم هائوس جي آڊيو ليڪ ٿيڻ تي عدالت سان رجوع ڪرڻ جو ڪهڙي منهن سان چئي رهيو آهي، ان تي جي آءِ ٽي ٺهي چڪي آهي، ه?? کي جي آءِ ٽي ۾ پيش ٿيڻو آهي. پريس ڪانفرنس ۾ عمران خان جون ٻه وڊيو به ميڊيا آڏو پيش ڪيون ويون. هڪ وڊيو ۾ عمران خان وزيراعظم ۽ وزيراعظم هائوس جي ٽيليفون ٽيپ ٿيڻ جي حق ۾ چئي رهيو آهي ته اهو پروٽيڪشن جي لاءِ آهي، هو ا?? کي قانوني بڻائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي جڏهن ته ٻي وڊيو ۾ هو ان تي يوٽرن وٺندي ان جي مخالفت ڪري رهيو آهي. اطلاعات وا??ي و??اقي وزير چ??و ته عمران نيازي جي وڊيو ڪلپس ڏسي انسان جو عقل دنگ رهجي وڃي ٿو ته پاڪستان جي 75 سالا تاريخ ۾ هي پهريون وزيراعظم هو جيڪو وزيراعظم آفيس ۽ وزيراعظم جي رڪارڊنگ کي قانوني قرار ڏئي رهيو آهي. اطلاعات وا??ي و??اقي وزير چ??و ته آڊيو ليڪس اچڻ کانپوءِ عمران نيازي جو ٻاهرئين سازش جو بيانيو دفن ٿي و??و، صدر به چئي چڪو آهي ته ڪا ٻاهرئين سازش نه ٿي، صدر علوي پي ٽي آءِ جو جنرل سيڪريٽري به رهي چڪو آهي ۽ هو عمران خان جي و??جهي ساٿين ۾ شمار ٿئي ٿو. مريم اورنگزيب چيو ته آڊيو ليڪ ۾ عمران خان پاڻ چيو ته سائفر سا?? کيڏڻو آهي، جيڪڏهن ٻاهرئين سازش ٿي هئي ته ان سا?? کيڏڻ جي ڪهڙي ضرورت هئي؟ اطلاعات وا??ي و??اقي وزير چ??و ته عمران خا?? کي ٽيبل، ڪرسيءَ ۽ مائيڪ رکي عوام کي ٻڌائڻ گهرجي ته ٻاهرئين سازش 7 مارچ تي ٿي، 27 مارچ تائين ان سازش سان راند کيڏي، 28 مارچ تي ان ۾ فارن آفيس کي شامل ڪيو ۽ ملڪي مفاد کي داءُ تي لڳايو. عمران نيازي سائفر جا منٽس تبديل ڪيا، ا?? کي فيبريڪيٽيڊ ڪيو ۽ ان کانپوءِ ان جي ڪاپي کڻي فرار ٿي و??و. هن چيو ته عمران نيازي فارن فنڊيڊ فتنو ايبسليوٽلي فراڊ آهي جڏهن عدالت ويندو ته ڪهڙي منهن سان ويندو، ڇا هو عدالت ۾ پنهنجي وڊيو ڪلپ هلائي ٻڌائيندو ته ان وقت جو وزيراعظم جيڪو هي ڪيس عدالت ۾ کڻي آيو آهي، اهو چوندو هو ته وزيراعظم هائوس ۽ وزيراعظم جي ٽيليفون جي رڪارڊنگ ٿيڻ گهرجي جيڪو ا?? کي قانوني بڻائيندو رهيو ۽ چوندو رهيو ته اهو پروٽيڪشن جي لاءِ هوندو آهي. اطلاعات وا??ي و??اقي وزير چ??و ته هي عدالت وڃڻ جو نه عمران خان جي جيل وڃڻ جو وقت آهي. هن چيو ته عمران نيازي قوم جي تقدير سا?? کيڏيو، هڪ ڪروڙ نوڪرين جو جهانسو ڏنو، 50 لک گهرن جو ڪوڙو وا??دو ڪيو، 90 ڏينهن ۾ ڪرپشن ختم ڪرڻ جو وا??دو ڪيو پر پاڻ ڪرپٽ ۽ ڪوڙو ثابت ٿيو. هن چيو ته عمران نيازي جڏهن اقتدار ۾ آيو ته هن صحيح ۽ غلط جي فڪر ڪرڻ کانسواءِ ملڪ جي معيشت ۽ سياست سا?? کيڏيو، ڪشمير جو سودو ڪيو، هي چوندو هو ??ه مودي کٽي و??و ته ڪشمير آزاد ٿي و??ندو، عمران نيازي پنهنجي سياسي مخالفن جي خلاف ڪيس ٺاهڻ جي لاءِ نيب چيئرمي?? کي بليڪ ميل ڪيو، طيبه گل کي وزيراعظم هائوس ۾ بند ڪيو، سياسي مخالفن جي خلاف ڪيسز ٺاهيا، انه?? کي جيلن ۾ وڌو ۽ عدالتن ۾ کڻي و??و پر ثبوت نه هجڻ جي ڪري انهن جون ضمانتُون ٿيون ۽ اڄ اهي سرخرو ٿيا. هن چيو ته عمران نيازي اڄ خوف ۾ ورتل آهي، ان جي دماغ تي گهرو اثر آهي. هن چيو ته عوام کي گهرجي ته هو ان فارن فنڊيڊ فتني کان بچي، هي ماڻه?? کي بيوقوف بڻائي ٿو ۽ بند ڪمرن ۾ ويهي انهن تي کلي ٿو، هي ايبسليوٽلي فراڊ شخص آهي. هن چيو ته عمران خان جي ڪرپشن، چوري ۽ ڌاڙن جي ايف آءِ اي ۾ جاچ ٿي رهي آهي، جڏهن ان جي چوري ۽ سازش بي نقاب ٿئي ٿي ته هي پنهنجو دماغي توازن وڃائي و??هي ٿو. هڪ سوال جي جواب ۾ اطلاعات وا??ي و??اقي وزير چ??و ته حڪومت انهن سمورن خرچن جو ڪاٿو لڳايو آهي جيڪي لانگ مارچ دوران ملڪ ۾ امن امان برقرار رکڻ تي ٿيندا. هن چيو ته عمران خان جي احتجاجن جي ڪري عوام جي سيڪيورٽي تي ڪروڙين رپين جو خرچ اچي ٿو، اها رقم اسڪولن، اسپتالن ۽ ٻوڏ متاثرين تي خرچ ٿي سگهي ٿي پر اها رقم فارن فنڊيڊ فتني جي لانگ مارچ ۽ احتجاج?? کي منهن ڏيڻ جي لاءِ رکي و??ندي. هن چيو ته عمران نيازي انتشار، فتنو پکيڙڻ ۽ عدم استحڪام پيدا ڪرڻ جي لاءِ وفاق تي ڪاهه ڪرڻ چاهي ٿو. هن چيو ته خيبرپختونخواهه ۾ پي ٽي آءِ جي حڪومت آهي، اڄ خيبرپختونخواهه جي اندر سرڪاري ملازم رستن تي آهن، صوبو ڪنگال ٿيڻ تي آهي، صوبي و?? پگهارون ادا ڪرڻ جي لاءِ پئسا نه آهن، اتي سرڪاري ملازم?? کي پٿر هنيا پيا وڃن. هن چيو ته هن شخص پنهنجي چار سالن ۾ پنجاب جو جيڪو حال ڪيو آهي اهو به سڀني جي سامهون آهي. هڪ ٻئي سوال تي هن چيو ته اسان جو مقصد سياسي انتقام وٺڻ هجي ها ته عمران نيازي 13 اپريل تي گرفتار ٿي چڪو هجي ها، عمران نيازي پنهنجي دور ۾ سياسي انتقام تي ماڻه?? کي بنا ڪيسز جي گرفتار ڪيو هو. هن چيو ته عمران نيازي جي خلاف موجود ڪيسز چار پنجن مهينن جي جانچ تي ٺهيا آهن، ممنوعه فنڊنگ ۾ اليڪشن ڪميشن جو فيصلو آهي، ان جي پوري جاچ کانپوءِ قدم قانون موجب کنيا پيا وڃن. هڪ ٻئي سوال تي هن چيو ??ه ميڊيا ورڪرز جي پگهارن جي ادائيگي جي حوالي سان ڪميٽي ٺاهي آهي، نوائي و??ت جي ملازمن جا مسئلا به ڏسنداسين، ڪئميرا مينن سان زيادتي ٿيڻ نه ڏينداسين.