اسلام آباد – 05 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف ٻوڏ متاثرين سان ڪيل واعدو پورو ڪري ڇ??يو آهي، وزيراعظم جي هدايت تي 24 ڏينهن جي رڪارڊ مدي ۾ فلڊ ??يل??ف وليج جا 100 گه?? تيار ڪيا ويا. وزيراعظم آفيس پاران جاري بيان موجب وزيراعظم شهباز شريف سان منزيز گلوبل ايوي ايشن جي سي اي او فلپ جوئيننگ ملاقات ڪئي جنهن ۾ هن رڪارڊ مدي ۾ 100 گه??ن جي تعمير تي فلپ جوئيننگ جا ٿورا مڃيا. واضح رهي ته وزيراعظم 2 سيپٽمبر تي ٽانڪ جي دوري دوران 100 گه??ن جي تعمير جو واعدو ڪيو هو، جنهن کانپوءِ 3 سيپٽمبر تي جڳهه جي چونڊ ڪئي وئي ۽ 7 سيپٽمبر تي ٻنهي جاين جي سروي مڪمل ڪري 11 سيپٽمبر تي تعمير شروع ڪئي وئي. ٽانڪ ۾ ٻوڏ متاثرين جي لاءِ انهن گه??ن کي رڪارڊ مدي 24 ڏينهن ۾ تعمير ڪيو ويو. گه??ن جي تعمير کانسواءِ وليج ۾ سولر سسٽم جي سهولت سان ليس اسڪول، ڪلينڪ ۽ ٽيوب ويل پڻ قائم ڪيا ويا آهن. اهي گه?? سخت موسمي حالتن جو مقابلو ڪري سگهن ٿا جڏهن ته انهن جي تعمير ۾ جديد تعميراتي مٽيريل ۽ ٽيڪنالاجي استعمال ڪئي وئي، وليج ۾ قائم ڪيل اسڪول ڪمپيوٽرز سميت جديد سهولتن سان ليس آهي جڏهن ته ان ۾ قائم ڪلينڪ جي ذريعي مقامي آبادي کي صحت ۽ علاج جون سهولتون دستياب هونديون. گه??ن جو نقشو ملڪ جي ناليواري آرڪيٽيڪٽ علي نقوي تيار ڪيو. ان بستيءَ جي ڀرپاسي 9000 مقامي وڻن جي وڻڪاري پڻ ڪئي وئي آهي. وزيراعظم گه??ن جي تعمير تي ڪمپني جي سي اي او کي شاباس ڏيندي ان جي جذبي کي ساراهيو ۽ چيو ته 100 گه??ن جي تعمير ٻوڏ متاثرين جي آبادڪاري ۾ اهم قدم ثابت ٿيندي. واضح رهي ته ان گروپ 2005ع جي زلزلي ۽ 2010ع جي ٻوڏ ۾ مٺن ڪوٽ، راجن پور ۾ 270 گه?? تعمير ڪيا هئا جڏهن ته اهو گروپ پاڪستان ۾ هوابازي جي شعبي ۾ وڏي سيڙپڪاري ڪرڻ ۽ اسڪئينگ ريزارٽ ٺاهڻ ۾ دلچسپي رکي ٿو.