نيويارڪ – 19 – سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪستان جو پرڏيهي وز??ر بلاول ڀٽو زرداري گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 77 هين اجلاس ۾ شرڪت جي لاءِ نيويارڪ پهچي ويو. گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي مستقبل نمائندي منير اڪرم، آمريڪا ۾ پاڪستان جي سفير مسعود خان، نيويارڪ ۾ قونصل جنرل عائشه ع??ي ۽ گڏيل قومن ۾ پاڪستاني مشن ۽ قونصليٽ جنرل جي عملدارن پرڏيهي وز??ر جو استقبال ڪيو. اجلاس ۾ سڄي دنيا مان اٽڪل 140 اڳواڻ شريڪ ٿيندا. واضح رهي ته پرڏيهي وز??ر ثمرقند ۾ شنگهائي تعاون تنظيم جي سربراهي اجلاس ۾ شرڪت کانپوءِ آچر جي صبح واشنگٽن پهتو هو. پرڏيهي وز??ر بلاول ڀٽو زرداري جي – 77 ۽ چين جي پرڏيهي وز??رن واري سالياني اجلاس ۽ او آءِ سي پرڏيهي وز??رن واري سالياني ڪوآرڊينيشن اجلاس جي صدارت سان گڏوگڏ ڪيترن ئي اعليٰ سطحي اجلاسن ۾ شرڪت سميت ڪيترن ئي ملڪن جي پرڏيهي وز??رن سان ملاقاتون، ٿنڪ ٽينڪ کي خطاب ۽ ڄمون ۽ ڪشمير بابت او آءِ سي رابطا گروپ جي اجلاس ۾ شرڪت ڪندو.