نيويارڪ – 21 – سيپٽمبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرد??ري آمريڪا جي انٽرنيشنل ڊيولپمينٽ فنانس ڪارپوريشن جي سي اي او اسڪاٽ ناٿن سان ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس موجب بلاول ڀٽو زرد??ري اسڪاٽ ناٿن جي وچ ۾ ملاقات ۾ نجي شعبي ۾ سيڙپڪ??ري جي موقعن تي ڳ??لهه ٻولهه ٿي. پرڏيهي وزير ۽ اسڪاٽ ناٿن جي وچ ۾ توانائي، زراعت کانسواءِ موسمياتي تبديلين سان مقابلي جي منصوبن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ٿي. ان موقعي تي ڳ??لهائيندي پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرد??ري چيو ته معيشت ۽ عورتن جي خودمختي??ري پاڪستان جي اولين ترجيح آهي. هن اسڪاٽ ناٿن کي پاڪستان جي دوري جي دعوت پڻ ڏني.