نيويارڪ – 20 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيرا??ظم محمد شهباز شريف ايران جي صدر ابراهيم رئيسي ۽ اسپين جي صدر پيڊرو سانشيز ??ان جدا جدا ملاقاتون ڪيون. انهن ملاقاتن دوران گڏيل دلچسپي جي علائقائي ۽ عالمي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزيرا??ظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيرا??ظم محمد شهباز شريف ايران جي صدر ابراهيم رئيسي سان ملاقات ڪئي. ملاقات دوران ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ٻطرفن لاڳاپن ۽ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ان کانسواءِ وزيرا??ظم محمد شهباز شريف اسپين جي صدر پيڊرو سانشيز ??ان پڻ ملاقات ڪئي. ٻنهي اڳواڻن ملاقات دوران گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. اهي ملاقاتون گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 77 هين اجلاس جي موقعي تي ٿيون. ان موقعي تي پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري، ناڻي وارو وفاقي وزير مفتاح اسماعيل، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب، پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير حنا رباني کر ۽ وزيرا??ظم جو خاص معاون طارق فاطمي پڻ موجود هئا.