اسلام آباد – 12 – سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي رائل مليشين نيوي جي سربراهه ايڊمرل تان سري محمد رضا بن محمد ساني کي نشان امتياز (ملٽري) عطا ڪ??و آهي. صدر مليشين نيول چيف کي ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ دفاعي لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ ۾ ان جي اڻٿڪ خدمتن جي اعتراف ۾ ايوارڊ سان نواز??و آهي. ايوارڊ عطا ڪرڻ جي تقريب ايوان صدر ۾ ٿي. تقريب جي شروعات قومي تراني ۽ قرآن پاڪ جي تلاوت سان ٿي. تقريب ۾ پاڪستان ۽ مليشين سامونڊي فوج جي اعليٰ آفيسرن شرڪت ڪئي.