اسلام آباد – 14 – جون (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف جي هدايت تي عوام کي کاڄرو تيل جي فراهمي لاءِ وڏي اڳڀرائي ٿي آه??، انڊونيشيا پاڪستان کي پام آئل فوري فراهم ڪندو، 30 هزار ميٽرڪ ٽن کاڄرو تيل سان ڀريل پهريون بحري جهاز اڄ اڱاري ڏينهن پاڪستان روانو ٿي??دو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بي??ن موجب وزيراعظم شهباز شريف جي 10 جون تي انڊونيشيا جي صدر جو ڪو ويد ودو سان ٽيليفونڪ رابطو ٿيو، وزيراعظم شهباز شريف جي هدايت تي پاڪستاني وفد انڊونيشيا جو دورو ڪيو ۽ انڊونيشيا جي واپار واري وزارت سان ڳالهيون ڪامياب ٿيون، کاڄرو تيل سان ڀريل 10 بحري جهاز ايندڙ ٻن هفتن ۾ انڊنيشيا ۽ ملائيشيا کان پاڪستان پهچندا، انڊونيشيا کان ڪل اڍائي لک ميٽرڪ ٽن کاڄرو تيل پاڪستان کي فراهم ڪيو پيو وڃي، وزيراعظم شهباز شريف جي هدايت تي صنعت ۽ پيداوار واري وزير سيد مرتضيٰ م??مو?? انڊنيشيا جي هم منصب س??ن معاملا طئي ڪيا، پاڪستاني وفد جي درخواست تي انڊونيشيا جي واپار واري وزارت سڀني لاڳاپيل معاملن کي تيزي سان اڪلايو، 30 هزار ميٽرڪ ٽن کاڄرو تيل سان ڀريل پهريون بحري جهاز اڄ اڱاري تي پاڪستان روانو ٿي??دو. انڊونيشيا جو دورو ڪندڙ وفد ۾ پاڪستان بناسپتي مينوفيڪچرز ايسوسيئيشن جو چيئرمين طارق الله صوفي ۽ تنظيم جو ميمبر رشيد ج??ن محمد به شامل هئا.