اسلام آباد – پهرين مئي (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته مزدور ڪنهن به معاشري جي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪن ٿا، اسان اسلام، پاڪستان جي آئ??ن ۽ عالمي معيارن موجب مزدورن ??ي ڪم جي حالتن کي بهتر بڻائينداسين، اسان مزدورن ۽ انهن جا مسئلا هر سطح تي حل ڪرڻ جي ??اءِ پرعزم آهيون. مزدورن ??ي عالمي ڏينهن تي پنهنجي ??يغام ۾ هن چيو ته آئ??ن مزدورن جي ??ن عالمي ڏينهن تي پاڪستان ۽ پوري دنيا جي ??زدورن کي مبارڪباد ڏيان ٿو. مزدورن ??ي ترقي کانسواءِ دنيا جي حقيقي ترقي اڌوري آهي. هن ڏينهن تي شڪاگو جي انهن مزدورن کي ياد ڪرڻ چاهيان ٿو جن جون قربانيون مزدورن ??ي حقن جي ??اءِ هڪ عالمي تحريڪ بڻجي چڪي آهي. هن چيو ته دنيا جي ترقي پورهيتن جي ??حنت جو نتيجو آهي. مزدورن ??ي صحت ۽ حفاظت جي ??اءِ انٽرنيشنل ليبر آرگنائيزيشن (آئي آيل او) جون ڪوششون ساراهه جوڳيون ۽ انتهائي مناسب آهن. هن چيو ته مزدور ۽ پورهيت جن ۾ پڙهيل لکيل، ناخوانده، هنرمند ?? غيرهنرمند شامل آهن ڪنهن به ملڪ ۽ معاشري جي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪن ٿا.