اسلام آباد – 21 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف سان بلوچستان عوامي پارٽي جي صدر ڄام ڪمال خان ۽ قومي اسيمبلي ۾ پارلياماني اڳواڻ خالد حسين مگسي جي قيادت ۾ پارٽي جي وفد ملاقات ڪئي ۽ ملڪي سياسي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. وزيراعظم ميڊيا آفيس پاران جاري بيان موجب بلوچستان عوامي پارٽي جي وفد وزيراعظم پاران بلوچستان جي ترقي کي حڪومت جي ترجيحن ۾ شامل ڪرڻ جي آجيان ڪئي. وزيراعظم سان ملاقات ڪندڙ وفد ۾ وفاقي وزير س??دار اسرار ترين، سي??يٽر انوارالحق، سي??يٽر س??فراز احمد بگٽي، سي??يٽر ثمينه ممتاز، قومي اسيمبلي ميمبر احسان الله ريڪي، روبينه عرفان ۽ صوبائي اسيمبلي ميمبر بلاول آفريدي ??ڻ شامل هئا.