راولپنڊي – 05 – اپريل (اي پي پي) چيف آف آرمي اسٽاف جنرل قمر جاويد باوجوه سان پاڪستان ۾ نيپال جي سفير تاپس اڌيڪاري جي ايڇ ڪيو ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ گڏيل د??چس??ي جي معاملن، علائقائي سلامتي جي صورتحال ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ٻطرفي لا??اپن کي بهتر بڻائڻ جي قدمن تي خ??الن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. پاڪ فوج جي عوامي رابطن واري شعبي موجب آرمي چيف ان موقعي تي چيو ته پاڪستان گڏيل مفادن جي بنياد تي نيپال سان ڊگهي مدي ۽ گهڻ رخي شعباجاتي لا??اپن کي وڌائڻ چاهي ٿو، هن ان ڳالهه جو ورجاءُ ڪيو ته خطي ۾ پائيدار امن ۽ استحڪام لاءِ سمورن علائقائي ملڪن کي گڏجي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي. معزز مهمان علائقائي استحڪام لاءِ پاڪستان جي ڪوششن کي ساراهيو ۽ پاڪستان سان هر سطح تي سفار??ي تعاون ۾ وڌيڪ ??هتري لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ جو عزم ظاهر ڪيو.