اسلام آباد – 04 فيبروري (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي چيو آهي ته ??شمير مسئلو اسان جي پرڏيهي پاليسي جو اهم ٿنڀ هو، آهي ۽ رهندو، پاڪستان ه??ين خالي ڪشميرين جي سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي مدد جاري رکندو، ڪشميري عوام اڄ به عالمي انصاف جي منتظر آهي. پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي پنج فيبروري يوم يڪجهتي ڪشمير جي حوالي سان اهم پيغام ۾ چيو ته 5 فيبروري تي هن سال به اسان پنهنجي ڪشميري ڀائرن سان گڏ ڀرپور انداز ۾ يڪجهتي جو اظهار ڪنداسين. هن چيو ته 1990ع ۾ جڏهن ه??ين خالي ڪشميرين تي طلم ۽ بربريت جا پهاڙ ڪيرايا ويا ته پاڪستان عالمي برادري کي باور ڪرايو ته ??شمير مسئلي جي حوالي سان توهان پاڪستان ۽ ڪشميرين سان هڪ واعدو ڪيو هو، جيڪو اڃان تائين وفا نه ٿي سگهيو، والا??يل ڄمون ۽ ڪشمير ?? عالمي سطح تي هڪ تسليم ٿيل تڪراري علائقو آهي ۽ سلامتي ڪائونسل جون ڪيتريون ئي قراردادون ان حوالي سان موجود آهن. ڪشميرين سان واعدو ڪيو ويو هو ته ??ڏيل قومن جي سرپرستي ۾ انهن کي فيصلي جو اختيار ڏنو ويندو ۽ انهن جي راءِ جو احترام ڪيو ويندو. شاهه محمود قريشي چيو ته والا??يل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ 90ع جي تاريخ اڄ وري ورجائي پئي وڃي، هٿين خالي ڪشميرين کي سرچ اينڊ ڪوارڊن آپريشن جو نشانو بڻايو پيو وڃي کين عدالت کان مٿانهون قتل ڪيو پيو وڃي، معصوم ڪشميرين، عورتن، ٻارن کي بي رحماڻي تشدد جو نشانو بڻايو پيو وڃي، شاهه محمود قريشي چيو ته اسان پنج فيبروري تي يڪجهتي جي اظهار جي ذريعي مظلوم ڪشميرين کي اهو يقين ڏيارڻ چاهيون ٿا ته اسان انهن سان گڏ انهن جي خودمختياري واري حق جي جدوجهد ۾ ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيٺل آهيون . پاڪستان ه??ين خالي ڪشميرين جي سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي مدد جاري رکندو،. هن چيو ته ??شمير مسئلو اسان جي پرڏيهي پاليسي جو اهم ٿنڀ هو، آهي ۽ رهندو. اسان مظلوم ڪشميرين تي ڪيل ظلمن ۽ انهن جي بنيادي حقن جي پائمالين جي خلاف آواز بلند ڪندا رهنداسين ۽ عالمي ضمير کي جنجهوڙيندا رهنداسين، شاهه محمود قريشي چيو ته ??شميري نه اڪيلا هئا ۽ نه ئي اڪيلا آهن، 5 فيبروري تي انشاءُ الله پوري قوم مظلوم ڪشميرين سان گڏ يڪجهتي جو اظهار ڪندي.