اسلام آباد – 03 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خ??ن جي چين جي دوري جي دوران چين جي صدر ۽ وزيراعظم سميت مختلف ڪاروباري شخصيتن کي پاڪستان ۾ موجود سيڙپڪاري جي موقعن کان آگاهه ڪرڻ لاءِ ڪتاب پيش ڪيو ويندو. وزيراعظم آف??س جي ميڊيا ونگ پار??ن جاري بيان موجب پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي موقعن جي حوالي سان تيار ڪيل پچ بڪ ۾ شعباجاتي بنيادن تي تفصيل شامل ڪيا ويا آهن، ڪتاب ۾ پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي حامل شعبن ۽ حڪومت پاران انهن شعبن ۾ فراهم ٿيند?? سهولتن جي باري ۾ تفصيل موجود آهن، پاڪستاني وفد جا ميمبر چين جي دوري جي موقعي تي اهو ڪتاب چيني سيڙپڪارن ۽ ڪاروباري شخصيتن کي پيش ڪندا. ان ڪتاب جو ??قصد ملڪ ۾ سيڙپڪاري جي موقعن کي فروغ ڏيڻ آهي.