اسلام آباد – 28 ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته فاشسٽ هندو تو?? ڀارت جو اصل چهرو هاڻي دنيا جي سامهون اڀري اچي رهيو آهي، ان کان اڳ جو دير ٿي وڃي دنيا کي ڀا??ت ۾ وڌندڙ شدت پسندي تي خبردار رهڻو پوندو. ڀا??ت ۾ مڌر ٽريسا جي خيراتي اداري جا اڪائونٽس منجمند ڪرڻ جي خبر تي پنهنجي ٽوئيٽ ۾ صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته فاشسٽ هندو تو?? ڀارت جو اصل چهرو هاڻي دنيا جي سامهون اڀري اچي رهيو آهي، قانون هٿ ۾ کڻي مشتعل هندو گروپن ڪ??ترن ئي ڀارتي علائقن ۾ ڪرسمس تقريبن ۾ خلل وڌو، انتهاپسندن سانتا ڪلاز جو پتلو ساڙيو، ڪرسمس تقريبن ۽ مذهب مٽائڻ جي خلاف نعرا هنيا، هن چيو ته ان کان اڳ جو دير ٿي وڃي دنيا کي ڀا??ت ۾ وڌندڙ شدت پسندي تي خبردار رهڻو پوندو.