اسلام آباد – 23 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان اڄ خميس تي لاهور جو هڪ ??ينهن جو دورو ڪندو، وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ موجب وزيراعظم لاهور ۾ اسپيشل ٽيڪنالاجي زون لاهور ٽيڪنا پولس جو افتتاح ڪندو. ٽيڪنالاجي زون جي تعمير لاهور نالج پارڪ ڪمپني تحت ٿي آهي جتي وڏي پئماني تي ٽيڪنالاجي جي شعبي ?? برآمدي صلاحيت وڌائڻ لاءِ سيڙپڪاري ڪئي پئي وڃي، ان موقعي تي ٽيڪنالاجي زون ۾ ڪم ڪرڻ لاءِ 12 ڪمپنين کي لائسنس جاري ڪيا ويندا، وڌيڪ ملڪ جي ٻين حصن ۾ ٽي ٽيڪنالاجي زونز جي تعمير لاءِ 300 ملين ڊالر جي سيڙپڪاري جي مفاهمتي يادداشتن تي صحيحون به ڪيون وينديون. وزيراعظم ان موقعي تي خطاب به ڪندو. وزيراعظم لاهور ۾ اهم اجلاسن جي صدارت ڪندو، ان کانپوءِ وزيراعظم گورنمينٽ ڪاليج يونيورسٽي نيو ڪيمپس ۽ ابو الحسن الشاذلي ريسرچ سينٽر آن صوفي ازم، سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي جو افتتاح ڪندو.