اسلام آباد – 19 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سان ملائيشيا جي پرڏيهي وزير داتوسري سيف الدين عبدالله ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ??نگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم عمران خان اسلامي تعاون تنظيم جي پرڏيهي وزيرن واري ڪائ??نس?? جي غيرمعمولي اجلاس ۾ شرڪت تي ملائيشيا جا ٿورا مڃيندي اسلامي تعاون تنظيم ۾ ان جي موثر ڪردار ۽ افغانستان ۾ انساني بنيادن تي امداد ۽ امن سازي جي لاءِ ڪوششن کي ساراهيو آهي. وزيراعظم عمران خان چيو ته پاڪستان ۽ ملائيشيا جي وچ ۾ علائقائي ۽ عالمي سطح تي تعاون ۽ گڏيل احترام تي ٻڌل مضبوط تاريخي لاڳ??پا آهن، پاڪستان معاشي تعاون ۾ اضافي، سياحت، دفاع ۽ عوامي سطح تي رابطن جي ڏس ۾ تعاون کي مستحڪم بڻائڻ ذريعي ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻا??ڻ جي لاءِ پرعزم آهي. ملائيشيا جي پرڏيهي وزير داتوسري سيف الدين عبدالله افغانستان بابت اسلامي تعاون تنظيم جو غيرمعمولي اجلاس گهرائڻ کي افغانستان جي عوام کي انساني بحران کان بچا??ڻ جي لاءِ وقت سر قدم قرار ڏيندي ساراهيو. هن افغانستان ۾ امن ۽ استحڪام جي فروغ لاءِ پاڪستان جي تعميري ڪردار کي ساراهيو. هن پاڪستان اچڻ تي پنهنجي شاندار استقبال ۽ ميزباني تي وزيراعظم عمران خان ۽ پاڪستاني عوام جا ٿورا مڃيا.