اسلام آباد – 26 – نومبر (اي پي پي) وزيرا??ظم عمران خان کي ازبڪستان جي صدر شوڪت مرزايوف ٽيليفون ڪ??و ۽ ٻنهي اڳواڻن ٻطرفي لاڳاپن تي اڳڀرائي تي اطمينان جو اظهار ڪيو. وزيرا??ظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب وزيرا??ظم گڏيل هدفن ۽ مقصدن ??ي حاصل ڪرڻ لاءِ مختلف شعبن ۾ مڪمل صلاحيت مان فائدو کڻڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. وزيرا??ظم چيو ته ترجيحي واپاري معاهدي جي جلد تڪميل جي ذريعي ٻطرفي اقتصادي لاڳاپن کي فروغ ڏيڻ جي ضرورت آهي، وزيرا??ظم عمران خان اميد ظاهر ڪئي ته افغانستان ۾ امن ۽ استحڪام سان علائقائي خوشحالي لاءِ رابطي جي ايجنڊا کي اڳتي وڌائڻ ۾ مدد ملندي. هن ٽرانس افغان ريلوي ??نص??بي جي وقت سر پڄاڻي لاءِ پاڪستان جي پختي عزم جو ورجاءُ ڪيو. ازبڪ صدر وزيرا??ظم پاران پاڪستان جي دوري جي دعوت قبول ڪري ورتي جنهن سان ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ اقتصادي ۽ واپاري لاڳاپن سميت مختلف شعبن ۾ موجوده ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ فروغ حاصل ٿيندو.