اسلام آباد – 25 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان م??افع خوري ۽ ذخيرو اندوزي ۾ ملوث عنصرن کي عوام دشمن قرار ڏين??ي هدايت ڪئي آهي ته اهڙن عنصرن جي خلاف سخت ڪارروائي عمل ۾ آندي وڃي، مافياز سان گڏجي ڀاڻ جي هٿرادو کوٽ پيدا ڪندڙن ۽ ذخيرو ڪندڙن جي خلاف ڪريڪ ڊائون ۽ قانون ??وجب ڪارروائي ڪئي وڃي، ملڪ ۾ ضروري شين جي ڪا به کوٽ نه آهي، هن اها ڳالهه ڪڻڪ ۽ ڀاڻ جي ذخيري جو جائزو وٺڻ لاءِ اعليٰ سطحي اجلاس جي دوران چئي. اجلاس کي بريفنگ ڏني وئي ته ربيع جي فصل لاءِ 6.6 ملين م??ٽرڪ ٽن سرڪاري ڪڻڪ ۽ ڀاڻ جو مناسب ذخيرو دستياب آهي جيڪو ملڪ جون ضرورتون ??وريون ڪرڻ لاءِ موزون آهي، سنڌ مان م??يل انگن اکرن م??جب فرٽيلائيزر ڪمپنيون ??ت?? ڪجهه ڊيرلن کي اضافي اسٽاڪ ڏئي رهيون آهن، وزيراعظم چيو ته حڪومت فرٽيلائيزر انڊسٽري کي گئس تي 120 ارب روپين جي سبسڊي ڏئي رهي آهي جڏهن ته کين 100 ارب روپين جون ??يڪس مراعتون ڏنيون ??يون ??ڃن، فرٽيلائيزر ڪمپنين پاران مختلف علائقن ۾ مخصوص ڊيلرن کي اضافي فرٽيلائيزر فراهم ڪئي پئي وڃي، اهي اطلاع آهن ته هتي ذخيرو اندوزي ٿي رهي آهي، اهو فرق ذخيرو اندوزي کي فائدو ڏئي رهيو آهي جنهن جي ڪري هٿرادو کوٽ پيدا ٿي رهي آهي. وزيراعظم ان تي سخت ڳڻتي جو اظهار ڪن??ي هدايت ڪئي ته ڀاڻ ذخيرو ڪندڙن جي خلاف فوري ڪريڪ ڊائون ۽ قانون ??وجب ڪارروائي ڪئي وڃي. وزيراعظم چيو ته کنڊ جي شعبي لاءِ متعارف ڪرايل ٽريڪ اينڊ ٽريس سسٽم کي ڀاڻ جي صنعت لاءِ به استعمال ڪيو وڃي. جيڪڏهن سنڌ حڪومت عوام دشمن ڏوهارين جي خلاف موثر قدم نه کنيا ته وفاقي حڪومت مداخلت ڪري سگهي ٿي، چو ته سنڌ حڪومت پاران ڪارروائي نه ڪرڻ سان سنڌ سميت سڄي ملڪ ۾ ڀاڻ جون ??يمتون ۽ فراهمي بري طرح متاثر ٿي رهي آهي، وزيراعظم چيو ته پي ٽي آءِ جي حڪومت ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو آبادگار دوست پاليسيون ??تعارف ڪرايون آهن، مافيا صارفين جي مفاد جو خيال رکڻ بدران منافع خوري ۾ مصروف آهي.