اٽڪ – 05 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته اسان جو مقابلو مافياز سان آهي، ڪرپشن تي ڪو ٺاهه نه ڪيو ويندو، ڪنهن به حڪومت غريبن جي لاءِ ايترو ڪم ناهي ڪيو جيترو اسان ڪري رهيا آهيون، غريب عوام تي بار گهٽ ڪرڻ جي لاءِ حڪومت 450 ارب جو خسارو پاڻ برداشت ڪري رهي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ضلعي اٽڪ جي پي ٽي آءِ قيادت سان ڳالهائيندي ڪيو. پنجاب جي وڏي وزير سردار عثمان بوزدار، صحت واري صوبائي وزير ڊاڪٽر ياسمين راشد، قومي اسيمبلي ميمبر ميجر (ر) طاهر صادق، پنجاب اسيمبلي ميمبرن سيد ياور بخاري، ملڪ محمد انور، ملڪ جمشيد الطاف ۽ پي ٽي آءِ اٽڪ جي پارٽي قيادت ملاقات ۾ شامل هئي. ملاقات ۾ وزيراعظم چيو ته جڏهن اسان جي حڪومت آئي ته ان وقت مجموعي معاشي خسارو 20 ارب ڊالر هو جنهن جي ڪري معاشي صو??تح??ل مشڪل هئي. جيئن ته اسان جو دارومدار درآمدات تي آهي ان لاءِ جڏهن ٻاهر قيمتون وڌن ٿيون ته هتي به قيمتون وڌن ٿيون. هن چيو ته اسان محنت ڪري هڪ سال ۾ خسارو 20 ارب کان گهٽ ڪري هڪ ارب ڊالر تي کڻي آياسين. پوءِ ڪورونا وائرس ج?? و??ا پوري دنيا کي لپيٽ ۾ وٺي ڇڏيو. پوري دنيا جي معيشت خساري ۾ هل?? و??ي ۽ عالمي سطح تي بحران آيو. جڏهن ته اسان جي ڪامياب پاليس??ن جي ڪر?? و??ا جو مقابلو ڪيو ۽ ان چلينج کي منهن ڏيڻ ۾ ڪامياب رهياسين. عالمي سطح تي اسان جي ڪامياب پاليس??ن جي پذيرائي ڪئ?? و??ي. وزيراعظم چيو ته غريب عوام تي مهانگائي جي اثرن جو پوري طرح احساس آهي. مهانگائي کي ڪنٽرول ڪرڻ ۽ غريب عوام تي بار گهٽ ڪرڻ جي لاءِ حڪومت هن وقت 450 ارب جو خسارو پاڻ برداشت ڪري رهي آهي. صحت ڪارڊ جي پوري پنجاب ۾ شروعات ڪري رهيا آهيون جنهن جي ڪري غريب خاندان معياري علاج جي سهولتن مان فائدو کڻي سگهندا. احساس سبسڊي پر??گر??م وفاق ۽ صوبائي حڪومت گڏجي مستحق خاندانن کي اٽي، دالين ۽ گيهه تي 30 سيڪڙو سبسڊي فراهم ٿيندي. ڪامياب پاڪستان پر??گر??م 20 لک خاندانن جي لاءِ وياج کانسواءِ قرض فراهم ڪندو. گهر تعمير ڪرڻ، ننڍو ڪاروبار شروع ڪرڻ، اسڪلز ٽريننگ پر??گر??م ۽ ننڍي آبادگار جي لاءِ قرض ڏنا ويندا. ڪامياب جوان پر??گر??م اڳ ۾ ئي سڄي ملڪ ۾ نوجوانن کي قرض فراهم ڪري رهيو آهي. هن چيو ته هر گهر ۾ وڃي احساس سروي ڪئ?? و??ي ته جيئن ڪو مستحق پر??گر??م کان ٻاهر نه رهجي وڃي. ڪڏهن به ڪنهن حڪومت غريبن جي لاءِ ايترو ڪم ناهي ڪيو. هر سطح تي هاڻي انهن سمورن پر??گر??مز جو فائدو پنهنجي پنهنجي علائقن ۾ غريبن تائين پهچايو، اسان جو مقابلو مافياز سان آهي. ڪرپشن تي ڪو ٺاهه نه ٿيندو. هن مقامي سطح جي قيادت کي هدايت ڪئي ته اها متحرڪ ٿي غريب ۽ مستحق ماڻهن جي ڀلائي لاءِ ڪم تي ڌيان ڏي.