اسلام آباد – 05 – نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چي?? آهي ته اڳوڻي دور جي بدترين پاليسين ملڪي معيشت تباهه ڪئي، اڄ قوم انهن پاليسين جو نتيجو ڀوڳي رهي آ??ي، عالمي منڊي ۾ بحران جي ڪري تيل جي قيمتن ۾ ا??افو ٿيو جنهن جو اثر هتي به پيو، سنڌ ۾ ٻين صوبن جي ڀيٽ ۾ اٽي ۽ کنڊ جون قيمتون وڌيڪ آهن، سنڌ ۾ اڪثر شگر ملز آصف علي زرداري ۽ پنجاب ۾ شريف خاندان هلائين ٿا، سنڌ کي پهرين نومبر کان ڪمند جي پيڙهائي شروع ڪرڻي هئي پر ان ۾ دير ڪئي پئي وڃي، حڪومت کنڊ جي قيمت 90 رپيا في ڪلو مقرر ڪئي جنهن جي خلاف شگر ملز منع نامو حاصل ڪري ورتو، حڪومت وٽ 22 ڏينهن جي لاءِ کنڊ جو ذخيرو موجود آ??ي، پنجاب ۾ 15 ڏينهن ۾ ڪريشنگ شروع ٿي ويندي ته صورتحال بهتر ٿي ويندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن غذائي تحفظ ۽ تحقيق واري وفاقي وزير فخر امام سان گڏ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. اطلاعات واري وفاقي وزير چي?? ته عوام (ن) ليگ جي ڳالهين ۾ اچڻ واري نه آ??ي، اڄ جيڪي اسان کي حل ٻڌائي رهيا آهن اهي مسئلا به انهن ئي ماڻهن جي ڪري آهن. انهن ماڻهن جي ڪري ڊالر جي قيمت ۾ ا??افو ٿيو، انهن پاڪستان کي ڊي انڊسٽرلائيز ڪيو، 2010ع کان 2018ع تائين بدترين سال گذريو جنهن دوران پاڪستان جو قرض 6 هزار ارب رپين مان 23 هزار ارب رپين تائين پهتو. اطلاعات واري وفاقي وزير چي?? ته هن سال اسان کي 10 ارب ڊالر قرض واپس ??رڻو آ??ي، ايندڙ سال اسان کي 12 ارب ڊالر قرض واپس ??رڻو آ??ي، انهن ماڻهن ايترا وڏا قرض ورتا ۽ واپسي جو سوچيو ئي نه. اهڙي طرح جي غيرذميواراڻي معاشي پاليسين جي ڪري اڄ پوري قوم مسئلن کي منهن ڏئي رهي آهي. هن چي?? ته ٽن سالن ۾ انهن ماڻهن جي خراب پاليسين جا اثر ختم ڪرڻ ممڪن نه آ??ي، اسحاق ڊار جي بدترين پاليسين تي سڀ کان وڌيڪ تنقيد شاهد خاقان عباسي ۽ مفتاح اسماعيل ئي ڪندا هئا ۽ هاڻي اهي انهن پاليسين تي وضاحتون پيش ڪن ٿا. چوڌري فواد حسين چي?? ته اسحاق ڊار جهڙي طريقي سان ملڪي معيشت تباهه ڪئي، هو ان جو ذميوار آ??ي، هن ڊالر کي سئو رپين تائين محدود رکيو. کنڊ جي قيمتن ۾ ا??افي جو ذڪر ڪندي اطلاعات واري وفاقي وزير چي?? ته هن وقت کنڊ جي قيمتن ۾ ا??افي جون خبرون ڪراچي مان اچي رهيون آهن، ڪراچي ۾ ٻين شين جون قيمتون به ملڪ جي ٻين حصن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ آهن، هن وقت ڪڻڪ جي اٽي جي ٿيلهي جي قيمت ڪراچي ۾ پنجاب جي ڀيٽ ۾ 380 رپيا وڌيڪ آهي. چوڌري فواد هسين چي?? ته سنڌ حڪومت کي پنهنجي پوزيشن واضح ڪرڻ گهرجي، اڳ ۾ انهن ڪڻڪ جي ريليز ۾ دير ڪئي ۽ هاڻي کنڊ جي ڪريشنگ ۾ دير ڪئي پئي وڃي. سنڌ حڪومت جي ڪري ئي سنڌ جا ماڻهو مسئلن کي منهن ڏئي رهيا آهن. اطلاعات واري وفاقي وزير چي?? ته سوشل ميڊيا تي وڊيوز اچي رهيون آهن، سنڌ ۾ ڏينهن ڏٺي ماڻهو قتل ٿي رهيا آهن، ڪٿي شڪار جي وڊيوز ٺاهڻ تي قتل ٿي رهيا آهن ۽ ڪنهن جڳهه تي عورتون قتل ٿي رهيون آهن، ائين لڳي ٿو سنڌ ۾ پوليس نالي جي ڪا شيءَ ئي نه آهي. هن چي?? ته ميڊيا کي به ان طرف ڌيان ڏيڻ گهرجي، سنڌ حڪومت تي دٻاءُ وڌو وڃي ته اها اهڙي واقعن جي آزاداڻي جاچ ڪري. چوڌري فواد حسين چي?? ته کنڊ جي ڏهاڙي کپت 15 هزار ٽن آ??ي، ان مان 6 هزار ٽن ڊوميسٽڪ صارفين استعمال ڪن ٿا، 9 هزار ٽن صنعتي صارفين ڏانهن وڃي ٿي. حڪومت وٽ هڪ لک 30 هزار ٽن کنڊ موجود آهي تنهن ڪري ڪنهن قسم جو ڪو پريشر نه آ??ي، 22 ڏينهن جي لاءِ اها کنڊ ڪافي آ??ي، 15 ڏينهن ۾ پنجاب ۾ ڪريشنگ شروع ٿي ويندي. اطلاعات واري وفاقي وزير چي?? ته کنڊ جي قيمتن ۾ ا??افو سٽي جي نتيجي ۾ ٿيو، سنڌ ۾ اڪثر شگر ملز آصف علي زرداري هلائي رهيو آهي جڏهن ته پنجاب م شريف فيملي، 15 ڏينهن اڳ جيڪا ڪريشنگ شروع ٿي، انهن پنهنجي شگر ملز جو اسٽاڪ روڪي ورتو جنهن جي ڪري کنڊ جون قيمتون وڌي ويون. هن چي?? ته حڪومت کنڊ جي قيمت 90 رپيا مقرر ڪئي، ان ۾ شگر ملز جو 16 رپيا منافعو به شامل آ??ي، جڏهن اسان ان کي ريليز ڪرائڻ وياسين ته انهن عدالت کان منع نامو حاصل ڪري ورتو. هن چي?? ته ملڪ ۾ کنڊ جو بحران پرائيويٽ شگر ملز جي ڪري آ??ي، اسان جي عدليه کي اپيل آهي ته منعو نامو ختم ٿيڻ گهرجي ته جيئن ??ڪومت ماڻهن کي کنڊ 90 رپيا في ڪلو فراهم ڪري سگهي. هن چي?? ته سنڌ حڪومت کي پهرين نومبر کان ڪريشنگ شروع ڪرڻي هئي پر سنڌ نه ڪئي، پنجاب ۾ اهو سلسلو شروع ٿي ويندو ته صورتحال بهتر ٿي ويندي. اطلاعات واري وفاقي وزير چي?? ته عالمي منڊي ۾ پيٽرول جي حوالي سان بحران واري صورتحال آ??ي، حڪومت (ن) ليگ جي دور جي ٽيڪسن کي برقرار رکي ها ته اڄ پيٽرول جي قيمت 180 رپيا في ليٽر کان وڌيڪ هجي ها، حڪومت ان مد ۾ ساڍا 4 سئو ارب رپيا ڪمائي چڪي هجي ها. چوڌري فواد حسين چي?? ته اسان ٽيڪسن کي هن وقت سڀ کان گهٽ ترين سطح تي رکيو آ??ي، حڪومت پيٽرليم مصنوعات جي مد ۾ 50 ارب رپيا ڪمائي رهي آهي جيڪي 450 ارب کان 500 ارب رپيا هجڻ گهرجن ها. اطلاعات واري وفاقي وزير چي?? ته گڏيل قومن به چي?? آهي ته عالمي منڊي ۾ خوراڪ جون قيمتون 10 سالن جي بلند ترين سطح تي آهن. اهڙي طرح سڄي دنيا ۾ توانائي جي قيمتن ۾ به اضافو ٿيو آهي. هن چي?? ته ڀارت ۽ بنگلاديش ۾ غربت جي شرح به وڌيڪ آ??ي، اتي تيل جون قيمتون پاڪستان جي ڀيٽ ۾ 50 رپين کان 60 رپيا وڌيڪ آهن جڏهن ته اتي مخالف ڌر به تنقيد ڪري رهي آهي ته پاڪستان تيل تي ٽيڪسن جي شڊرح گهٽ ڪري عوام کي ريليف ڏنو آ??ي، هو ريليف ڇو نه ڏئي رهيا آهن. هن چي?? ته وزيراعظم عمران خان احساس پروگرام جو اعلان ڪيو، 31 هزار رپيا ماهوار ڪمائيندڙ هڪ ڪروڙ 20 لک خاندانن کي اٽي، دال ۽ گيهه تي 30 سيڪڙو سبسڊي ڏني ويندي. هن چي?? ته مهانگائي ۾ 27 سيڪڙو اضافو ٿيو آ??ي، اسان 31 هزار رپين کان گهٽ ڪمائيندڙن کي 30 سيڪڙو سبسڊي ڏني آهي. هنچ يو ته مڊل ڪلاس طبقي جي لاءِ صحت ڪارڊ آندو ويو، 10 لک رپين تائين انهن جو علاج مفت ٿي سگهندو، ان ۾ ا??لام آباد، خيبرپختونخواهه جا سمورا شهري شامل آهن، پهرين جنوري تائين پنجاب جا شهري به ان پروگرام ۾ شامل ٿي ويندا. هن چي?? ته اسان سنڌ کي به ان پروگرام ۾ شامل ٿيڻ جي لاءِ چي?? آ??ي، بلوچستان ان پروگرام ۾ پنهنجي دلچسپي جو اظهار ڪيو آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ ا??لاعات واري وفاقي وزير چي?? ته تيل ۽ ايل اين جي جو بحران عالمي بحران آ??ي، تيل ۽ ايل اين جي جي هتي پيداوار نه ٿي ٿئي، اسان اهي شيون درآمد ڪريون ٿا. هن چي?? ته برطانيا، آمريڪا، ڀارت، بنگلاديش ۾ به اهو الزام لڳي رهيو آهي ته اهي انهن شين جون قيمتون مئنيج نه ڪري سگهيا. اطلاعات واري وفاقي وزير چي?? ته کنڊ جي قيمت جو جيستائين تعلق آهي بلوچستان ۽ سنڌ جي ڀرپاسي وارن علائقن ۾ 145 کان 150 رپين تائين ملي رهي آ??ي، سنڌ ۾ پيڙهائي ۾ دير جي ڪري مجموعي طور تي اها صورتحال پيدا ٿي.