اسلام آباد – 29 – آڪٽوبر (اي پي پي) ايوان صد?? جي جامع مسجد مان جمعي جي نماز ۽ خطبو سڌو سنئون نشر ڪيو ويو. صد?? ڊاڪٽر عارف علوي، اسلامي نظرياتي ڪائونسل جو چيئرمين ڊاڪٽر قبله اياز ۽ ايوان صد?? ج?? عملدارن ۽ عملي جمعي جي نماز ادا ڪئي. ان م??قع?? تي اسلامي نظرياتي ڪائونسل جي چيئرمين ڊاڪٽر قبله اياز خطبو ڏنو، هن پنهنجي خطبي ۾ چيو ته ربيع الاول جي مقدس مهيني جو گهرج آهي ته حضور صهﷺ جي تعليم ۽ ان جي حيات طيبه ج?? عملي سبقن مان رهنمائي حاصل ڪندي پنهنجي ڀرپاسي جي ماڻهن جي تربيت جو اهتمام ڪيو وڇي. هن چيو ته حضور صه ﷺ جي سيرت طبيه اسان جي لاءِ راهه مشعل آهي، مسلمانن جي لاءِ لازمي آهي ته هو ڪنهن جي لاءِ تڪليف جو باعث نه بڻجن. هن معاشري ۾ نفرت تي ٻڌل روين کان پاسو ڪرڻ تي زور ڏيندي چيو ته اسان سڀني کي الله جي مخلوق سان احسان ۽ بهتري?? سلوڪ سان پيش اچڻ گهرجي. اسان جي نبي حضرت محمد ﷺ رستي جون رڪاوٽون ختم ڪرڻ ۽ ماڻهن جي لاءِ آسانيون پيدا ڪرڻ جي تلقين ڪئي، ان م??قع?? تي ملڪ ۽ قوم جي سلامتي، ترقي ۽ خوشحالي لاءِ دعا ڪئي وئي. واضح رهي ته صد?? ڊاڪٽر عارف علوي جي هدايت تي ماڻهن جي رهنمائي لاءِ ايوان صد?? جي جامع مسجد مان جمعي جو خطبو سڌو سنئون نشر ڪرڻ جو سلسلو شروع ڪيو ويو آهي.